وڳڻ ۾ محرم الحرام جو چنڊ نظر ايندي ئي ياحسين جون صدائون بلند
وڳڻ (رپورٽر ) وڳڻ ۾ محرم الحرام جو چنڊ نظر ايندي ئي سڄي ملڪ جيان وڳڻ ٽائون ۾ بـ ياحسين ياحسين جون صدائون بلند ٿي ويون،
شھر جي مختلف روڊن تي اسٽال لڳايا ويا مؤمنن پاران خريداري تيز جڏهن تـ شهر جي مختلف علائقن ۾ امام بارگاھن درگاهن جي علمن کي سينگارڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ مومنن طرفان چؤنڪن چوراھن تي ٿڌي ۽ مٺي پاڻي جون سبيلون لڳايون ويون
ان موقعي تي شيعا علما۽ ڪائونسل سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ عزاداري جي باني سيد رياض حسين شاھ، سيد حبيب شاھ ـ سيد عمران علي شاھ ـ زاھد جتوئي ـ فقير قربان مغيري ـ مھدي رضا ڀنڊ ۽ ٻين ٻڌايو تـ محرم الحرام جو چنڊ نظر ايندي ئي
ڪربلا جي شهيدن امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ نوحا خواني مجلس عزا ۽ مومنن پاران تعزيائون برآمد ڪري سينه زني زنجير زني عزاداري ڪئي ويندي آهي محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ مولا حسين عليه السلام پنهنجي اهل عيال، ساٿين سميت قرباني ڏئي دنيا کي اهو درس ڏنو ته جڏهن ظالم توهان کي ڪنڌ کڻڻ نه ڏئي ۽ دين توهان کي ڪنڌ جهڪائڻ نه ڏئي ته آخري رستو ڪنڌ ڪپائڻ آهي
يا جڏھن سر کي خطرو ھجي تہ صدقو ڏئي سر بچايو ۽ جي دين کي خطرو ھجي تہ سر ڏئي دين بچايو اصل ۾ ڪربلا جي جنگ ڪنڌ جھڪائڻ بجاءِ حق لاءِ ڪنڌ ڪپائڻ جي هئي اها جنگ حق جي هئي جتي حق ۽ باطل جي پرک ٿيڻي ھئي،
ڪربل جي شهيدن ظلم ۽ ستم جي خلاف جنگ جوٽي اسلام جي حقيقي رھبر جو ڪردار ڪيو، سندن جي ڏنل لازوال قربانيون تا قيامت ياد رکيون وينديون
جُولاءِ 20, 2023