نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس ۾ 6 مهينن جي عبوري واڌ ڪري ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس ۾ 6 مهينن جي عبوري واڌ ڪري ڇڏي.
نيپرا لائسنس ۾ واڌ جو فيصلو ڪي الڪيٽرڪ کي موڪلي ڇڏيو آهي.
نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جو 20 سالن جو مدو اڄ ختم ٿي رهيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ لائسنس ۾ 20 سال نوان جي درخواست ڪئي هئي.
نيپرا جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس ۾ 6 مهينن جي واڌ جو عبوري رليف ڏنو ويو آهي.
