ميرپورخاص: ڊسٽرڪٽ ڊزازسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي گڏجاڻي ٿي گذري
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ)ڊسٽرڪٽ ڊزازسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي گڏجاڻي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ميرپورخاص آصف صدارت هيٺ رضا چانڊيو جي دربار هال ميرپورخاص ۾ ٿي ، ان موقعي تي هن سڀني لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته نالن جي صفائي، برساتي پاڻي جي نيڪال، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ ٻيا مسئلا حل ڪيا وڃن. تيز برساتن دوران هنگامي بنيادن تي احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن،
ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون چيو ته گذريل برساتن ۾ مسئلن جي حل لاءِ کنيل قدمن کي سامهون رکندي بهتر ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي
ان سلسلي ۾ پنهنجي لاڳاپيل تعلقن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا وڃن ۽ هر لاڳاپيل کاتي ۽ سماجي تنظيمن کي گهرجي ته اهي پنهنجو فوڪل پرسن مقرر ڪن ۽ ضلعي انتظاميا کي رابطا نمبر فراهم ڪن ته جيئن هنگامي صورتحال ۾ انهن سان رابطو ڪري سگهجي جڏهن ته هنگامي واري صورتحال ۾ اسٽنٽ ڪمشنرن سان رابطي ۾ رهن.
هن سمورن تعلقن جي اسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو تعلقي سطح تي تعلقه سٽيزن فورم ۽ تعلقي فوڊ رليف ڪاميٽيون جوڙين .
هن لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو مختلف تعلقن ۾ ويٽرنري ڪئمپون قائم ڪن ته جيئن چوپائي مال کي بيمارين کان محفوظ بڻائي سگهجي ۽ ويڪسينيشن جو ڪم تيز ڪيو وڃي.
گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو پريم چند، سمورن کاتن جي اسٽنٽ ڪمشنرن، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر جنيد مرزا، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غلام رضا کوسو، زراعت کاتي، لائيو اسٽاڪ، پبلڪ هيلٿ، آبپاشي کاتي، سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.
جُولاءِ 20, 2023