ملير ؛ پورٽ قاسم مان تيل جي ٽنيڪرن مان کاڄرو تيل چوري ٿيڻ جو انڪشاف

Spread the love

ملير ( ذوالفقار علي نصيراڻي ) ملير جي مختلف علائقن ۾ پورٽ قاسم مان تيل جي ٽنيڪرن مان کاڄرو تيل چوري ، ايراني تيل ، پيٽرول جا غير قانوني ٿاڪ قائم ، وڏي پيماني تي غير قانوني اسملنگ خريد ۽ وڪرو مقامي پوليس جي سرپرستي ۾ ٿيڻ لڳو تفصيل موجب ملير جي مختلف علائقن ۾ پورٽ قاسم مان تيل جي ٽنيڪرن مان کاڄرو تيل چوري ، ايراني تيل ، پيٽرول جا غير قانوني ٿاڪ قائم ، وڏي پيماني تي غير قانوني اسملنگ خريد ۽ وڪرو مقامي پوليس جي سرپرستي ۾ ٿيڻ لڳو ملير جي پورٽ قاسم ، خروس ڳوٺ ،پيرسرهندي ، سومار ڳوٺ لنڪ روڊ ميمڻ ڳوٺ ۾ ٿاڪ قائم ڪيا ويا آھن

 جتي ٽينڪرن مان کاڄرو تيل  ٽينڪرن مان ڊرائيور ۽ عملو کاڄرو تيل ڪڍي وڪرو ڪري رهيا آھن سستي اگھ ۾ کاڄرو تيل وڪرو ڪرڻ ۽ غير قانوني گودامن ۾ ڌم ڪرڻ جو سلسلو وڏي عرصي کان جاري آھي

 پورٽ قاسم روڊ ۽ ٻين هنڌن لنڪ روڊ ۽ هوٽلن ڀرسان ٽينڪر بيهاري کاڄرو تيل چوري ڪيو ويندو آھي کاڄرو تيل ، ايراني تيل ۽ ڊيزل چوري ۾ مقامي پوليس جو ڀتو مقرر آھي مقامي پوليس جي سرپرستي هيٺ غيرقانوني طور تيل جو  سلسلو جاري آھي.

ملير: عيدون ڳوٺ مان آصمھ ٻگهيو پراسرار نموني گم ، وارثن پاران اغواجو شڪ

ملير ( ذوالفقار علي نصيراڻي) ملير بن قاسم ٿاڻي جي حد 5 ڏينهن اڳ عيدون ڳوٺ مان آصمہ ٻگهيو پراسرار نموني گم ، وارثن پاران ناري کي اغوا ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو ، بن قاسم ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو تفصيل موجب ملير بن قاسم ٿاڻي جي حد 5 ڏينهن اڳ عيدون ڳوٺ مان آصمہ ٻگهيو پراسرار نموني گم ، وارثن پاران ناري کي اغوا ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيوپيء محمد فاضل ٻگهيو جي مدعيت ۾  بن قاسم ٿاڻي تي اغوا جي ايف آئي آر داخل ڪرائي وئي محمد فاضل ٻگهيو چيو ته منهنجي نياڻي گهر کان ٻاهر وئي وري واپس گهر ناهي پهتي مونکي شڪ اڻڄاتل ماڻھن اغوا ڪيو آھي نياڻي بازياب ڪرائي ڏني وڃي منهنجي نياڻي جي زندگي کي خطرو آھي آئي جي سنڌ ڊي جي رينجرس کي اپيل آھي مدد ڪري.

جُولاءِ 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو