محرم الحرام دوران عالم، شهري، پوليس ۽ انتظاميا بھتر ڪردار ادا ڪن: ڊي سي نوشھرو فيروز

Spread the love

نوشھروفيروز (ڊ ر) ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن محمد عباس بلوچ چيو آهي ته محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورين مذهبي جماعتن جا عالم، شهري، پوليس ۽ انتظاميه پنهنجو ڪردار ادا ڪن اھڙن خيالن جو اظھار ھن محرم الحرام دوران امن امان کي برقرار رکڻ جي حوالي سان ڪميٽي روم ۾ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.

 اجلاس ۾ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ڊويزن محمد يونس چانڊيو، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز شاهزيب شيخ، ايس ايس پي ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي، سمورن تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي ايس پي، ايس ايڇ او ۽ ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمينن، ٽائون آفيسرن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. سيپڪو، سوئي گيس جا آفيسر شامل هئا.

اجلاس کي خطاب ڪندي ڊويزنل ڪمشنر چيو ته محرم الحرام دوران ضلعي سطح تي ۽ سمورن تعلقن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا وڃن ۽ مقامي سطح تي قائم ڪيل امن ڪميٽين کي فعال ڪيو وڃي ۽ چونڊيل چيئرمينن کي امن ڪميٽين ۾ شامل ڪيو وڃي.

 هن چيو ته اڪثر محرم الحرام دوران لوڊشيڊنگ ۽ رستن جي صفائي جون شڪايتون ملنديون آهن، ان ڪري سيپڪو ۽ ٽائون آفيسرن کي گهرجي ته اهي سموريون شڪايتون دور ڪن. هن چيو ته شهري مون کي نوشهروفيروز شهر ۾ گندي پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي جي صورتحال بابت آگاهي ڏين ٿا ته ان کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي،

هن سوئي گيس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته 13 محرم تائين سوئي گيس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد محمد يونس چانڊيو چيو ته ڊويزن ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ سڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آهي.

هن چيو ته ڪنهن به نئين روٽ تي پابندي لڳائي ويندي ۽ ضابطا اخلاق تي سختي سان عمل ڪيو ويندو. هن مختلف سوشل ميڊيا گروپن جي ايڊمنن کي چيو ته نفرت آميز پوسٽن تي نظر رکن ، جيڪڏهن شرپسند سوشل ميڊيا ذريعي افراتفري پکيڙي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته پوليس وٽ اهڙيون ڊيوائسز آهن جو جيڪڏهن ڪو پوسٽ ڊيليٽ ڪري به ته ان جا تفصيل معلوم ڪيا ويندا،

ان ڪري سوشل ميڊيا تي ڪو به نفرت انگيز يا شرپسند مواد شيئر نه ڪيو وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ايس پي صدام حسين خاصخيلي چيو ته محرم الحرام دوران ضلعي ۾ 2233 پوليس اهلڪار ۽ جوان خدمتون سرانجام ڏيندا.

هن چيو ته 7 محرم کان 12 محرم تائين ضلعي ۾ 105 مجلسون ۽ جلوس ڪڍيا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر شاه زيب شيخ سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته ٽائون آفيسرن سان سهڪار ڪري سمورن رستن جي صفائي جو انتظام ڪيو وڃي ۽ جلوس جي رستن تان حد دخليون ختم ڪرايون وڃن.

جُولاءِ 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو