شهباز شريف ۽ حمزا شهباز مني لانڊرنگ ريفرنس مان آجا

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي مني لانڊرنگ ريفرنس مان آجو ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم شهباز شريف، حمزا شهباز ۽ نصرت شهباز سميت ٻين جوابدارن خلاف ڪيس جي انڪوائري 2018 کان هلي رهي هئي ۽ ان جو ريفرنس آگسٽ 2020 ۾ داخل ڪيو ويو.

نيب شهباز شريف کي سيپٽمبر 2020 ۾ ان ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو ۽ ڪيس ۾ نامزد سڀني جوابدارن تي نومبر 2020 ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو پر ان ڪيس ۾ شهباز شريف کي اپريل 2021 ۽ حمزا شهباز کي فيبروري 2021 ۾ ضمانت تي آزادي ملي.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز سميت ٻين جوابدارن ان ڪيس ۾ آزادي جون درخواستون داخل ڪيون هيون، نيب طرفان ان ڪيس ۾ ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ويو ۽ جاچ آفيسر به تصديق ڪئي ته ڪيس ۾ ڪي ثبوت موجود ناهن، جنهن تي عدالت هڪ جوابدار کي ڇڏي سڀني کي ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو.

مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ رابعه عمران اشتهاري آهي ۽ ان جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

جُولاءِ 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو