سکر: محرم الحرام جي حوالي سان امن ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي
سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ)سکر ڊيويلپمنٽ الائنس جي چيئرمين ۽ سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ جي ميزباني ۾ محرم الحرام جي موقعي تي مذهبي هم آهنگي ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جي لاءِ امن ڪانفرنس گولڊ سينٽر آفس صرافه بازار ۾ منعقد ڪئي ويئي،
جنهن ۾ سڀني مڪاتب فڪر جي علماءِ ڪرام سميت سياسي، سماجي، مذهبي ۽ واپاري اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قاري جميل احمد، مفتي محمد چمن زمان نجم القادري، مولانا عبدالرحمن ثاقب، مفتي قمر الدين ملاڻو، علامه نور احمد قاسمي، مفتي جميل احمد ڪورائي، مولانا عبدالستار بروهي، سيد باقر علي شاهه ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسلام امن ۽ سلامتي جو دين آهي.
اسلام رواداري جو درس ڏنو آهي، اسلام خير خواهي جو دين آهي، حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم رحمت العالمين بڻجي تشريف آندي، حضرت امام حسين جيڪي ڪربلا ۾ قرباني ڏني ان جو مثال نٿو ملي، دين جي سربلندي جي لاءِ حضرت امام حسين ۽ ان جي ساٿين پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو،
ڪربلا کان پوءِ هن دنيا ۾ ٻه ڪردار آهن. هڪ حسيني ۽ ٻيو يزيدي ڪردار آهي، حسيني ڪردار هميشه انسانيت جي ڳالهه ڪندو ۽ احترام انسانيت جو درس ڏيندو، سکر بين المسالڪ هم آهنگي جو شهر آهي، هتي سڀني مڪاتب فڪر جي عالمن جو موقف آهي ته پنهنجي مسلڪ کي ڇڏيو نه ۽ ٻئي جي مسلڪ کي ڇيڙيو نه، جنهن معاشري ۾ احترام انسانيت ختم ٿي وڃي
اهو معاشرو دهشتگردي، بربريت، قتل ۽ غارت جهڙو معاشرو بڻجي ويندو آهي، امن ڪانفرنس ۾ ايس ڊي اي اڳواڻن غلام مصطفي ڦلپوٽو، آغا طاهر مغل، حافظ محمد شريف ڏاڏا، محمد منير ميمڻ، محمد ڪاشف شمسي، شاهه محمد انڍهڙ، بابو مهر، محمد رضوان قادري، محمد صديق مهر، طارق گهمرو، مختيار شامي، محبوب صديقي، نعيم بلوچ، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، طارق علي ميراڻي، امداد جهنڊير، ڏاڏو ابڙو، صداقت خان، اياز علي ابڙو، سعيد احمد، ڪاشف شاهه، محمد عرفان، خالد سومرو، محمد رفيق، عبدالستار نوناري، ڪيلاش، محمد ناظم، محمد اڪرم، جميل احمد مغل، محمد جاويد، فقير رمضان ڪورائي، محمد خالد، عبدالڪريم سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
امن ڪانفرنس ۾ اسلام جي سربلندي، وطن عزيز جي حفاظت، خوشحالي، استحڪام، سلامتي ۽ امن امان جي لاءِ اجتماعي دعا پڻ گهر ويئي،
جُولاءِ 20, 2023