روهڙي: بيوه عورت جو پنهنجي برادري جي بااثر ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

روهڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ)روهڙي۾ بيواه عورت جو پنهنجي برادري جي بااثر ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو، انصاف ۽ تحفظ جي گهر، تفصيل موجب روهڙي جي علائقي مال پڙي ڀرسان رھندڙ بيواه عورت مسمات شھناز عمراڻي روهڙي پريس ڪلب پھچي پنهنجي معصوم نياڻي ھميران سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو آهي

ته ڪجهه ڏينهن پھريان پنهنجي برادري جو بااثر گل بھار عمراڻي. پوليس اھلڪار دلاور، علي حسن شيرل، ۽ علي گل عمراڻي ۽ ٻين منهنجي گهر مٿان حملو ڪري مونکي ۽ منهنجي پٽن تي ڪھاڙين جا وار ڪري زخمي ڪري وڌو، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو،

 اڃا تائين منهنجي پٽن جي حالت بهتر ناھي ٿي سگهي، ۽ مٿيان جوابدار مونکي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

تون کي يا تنهنجي پٽن کي ڪونه ڇڏيندا سين اھلڪار دلاور عمراڻي پنهنجي وردي جو ناجائز فائدو وٺندي  مون تي ۽ منهنجي پٽن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ڇاھي ٿو، مون کي انھن مان جان ۽ مال جو خطرو آهي، منهنجي حصي ۾ آيل ذرعي زمين کسڻ ڇاھن ٿا،

 ھن آئي جي سنڌ، ڊي آئي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري مون کي انصاف سان گڏ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ پاڻ کي پريس ڪلب آڏو باھ ڏئي ساڙيندم.

جُولاءِ 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو