دادو: سيد امير  شاھ بخاري صفائي جي انتظامن لاءِ ڪوشان

Spread the love

دادو: (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) محرم الحرام جو احترام ڪندي امام حسين عليه السلام جي عزادارن جي سهولتن لاءِ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي پيردانش علي فوڪل پرسن ۽ ميمبر ڪميٽي مقرر ڪري نوٽيفڪيشن

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) محرم الحرام جو احترام ڪندي امام حسين عليه السلام جي عزادارن جي سهولتن لاءِ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي پيردانش علي فوڪل پرسن ۽ ميمبر ڪميٽي مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ، فوڪل پرسن سيد امير علي شاھ جنرل ڪائونسلر وارڊ نمبر  ۽ ڪاميٽي ميمبر سعيد احمد ملاح جنرل ڪائونسلر وارڊ نمبر 12 کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد فوڪل پرسن سيد امير  شاھ بخاري پنهنجو فرض پورو ڪرڻ لاءِ ماتمي روٽن جي روڊن رستن تي صفائي جا انتظام پورا ڪرڻ ۾ رڌل آهي، فوڪل پرسن چيو ته شڪر گذار آھيان

 نوجوان چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي دادو پيردانش علي جو جنهن مون کي اهل سمجهي مونکي محرم الحرام عاشور مهيني ۾ عزادارن جي ذميواري سونپي آهي ۽ ڪائونسلر سعيد ملاح کي ڪميٽي ميمبر مقرر ڪيو آهي،

 عزادارن کي سموريون سهولتون ڏنيون وينديون ڪنھن کي به شڪايت جو موقعو نه ڏنو ويندو، مرڪزي امام بارگاھ حيدري ۽ شھر ۾ ٿيندڙ مجلسن ۽ ماتمي جلوسن ۽ انهن جي روٽن ۽ سبيلن سميت لائٽنگ جي بندوست جي سهولتن جي نگراني ۽ صفائي سٿرائي جي انتظامن کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ڪابه شڪايت هنجي فوري ازالو ڪيو ويندو.

جُولاءِ 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو