حيدرآباد لڳ ٽنڊوڄام واسين پاران حيسڪو انتظاميا خلاف احتجاجي ڌرڻو
حيدرآباد (رپورٽ: واجد علي چانڊيو) ٽنڊوڄام جي ناڪہ اسٽاپ جي رھائشي ڪالوني ۾ سڙيل ٽرانسفارمر جي مرمت نہ ٿيڻ تي علائقي واسين جو حيسڪو خلاف ڌرڻو.علائقي واسين جي عظيم ڪاتيار، آغا لاريب ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو.
روڊ بلاڪ روڊ بلاڪ سبب روڊ جي ٻنھي گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون.علائقي واسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو اسان جي محلي جو ٽرانسفارمر 24 ڪلاڪن کان ٽيڪينڪل فالٽ سبب ڌماڪي سان سڙي ويو
اسان جي محلي جا اڳواڻن ايس ڊي او واپڊا ٽنڊوڄام جي آفيس وڃي شڪايت ڪئي مگر افسوس اھڙي قھر جي گرمي ۾ واپڊا وارن کي معصوم ٻارڙن ۽ بزرگن جو کو خيال ئي ناھي سڙيل ٽرانسفارمر جي مرمت لاء اڃا تائين ڪي به قدم ناھن کنيا ھڪ ته گرمي مٿان وري بجلي ناھي، سخت گرمي ۾ عذاب ۾ مبتلا آھيون.
علائقي ۾ پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آھي. بجلي بحال ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رھندو. آخري اطلاع تائين روڊ بند رھيو.
جُولاءِ 20, 2023