آءِ بي اي سکر جي ٽيم پاران مختلف عمارتن ۽ پلاٽن جا دورا
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) ڀان سيدآباد شهر ۾ آء بي اي طرفان ڪميونيٽي ڪاليج ٺاهڻ جو فيصلو, وڏي وزير سيد مرادعلي شاهہ جي هدايتن تي آء بي اي سکر جو ڊائريڪٽر ڪميونٽي ڪاليج نورحسين ٽيم سميت ڀان سيدآباد پهتو,
اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ اقبال حسين جنڊاڻ پاران آء بي اي سکر جي ٽيم کي مختلف بلڊنگن ۽ پلاٽن جا دورا ڪرايا ويا, آء بي اي ڊائريڪٽر نورحسين پاران گرلس ڊگري ڪاليج جي نئين ٺهندڙ عمارت ۾ عارضي طور تي آء بي اي ڪميونٽي ڪاليج جا ڪلاس شروع ڪرڻ جو اعلان ,ايندڙ مهيني کان آء بي اي ڪميونٽي ڪاليج ڀان سيدآباد جا ڪلاس شروع ڪنداسين
ڊائريڪٽر نورحسين، آء بي اي ڪميونٽي ڪاليج لاء آبپاشي آفيس ڀان سيدآباد ۽ ڪميونٽي سينٽر ڀان سيدآباد ۾ نئين سر پي سي ون منظور ڪري بلڊنگ ۽ هاسٽلز ٺاهينداسين ڊائريڪٽر نورحسين جو چوڻ ھئو ت وزيراعلي سنڌ جي هدايتن تي آء بي اي انتظاميہ مختلف بلڊنگن جي وزٽ ڪئي آهي، جلد ڪاليج جا ڪلاسز شروع ٿيندا: اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ اقبال حسين جنڊاڻ
جُولاءِ 20, 2023