آءِ ايم ايف جو پروگرام نه ملي ها ته ملڪ  معاشي طور تباھھ ٿئي ھا: حافظ شير محمد الرو

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ڊويزن جي اڳواڻ حافظ شير محمد الرو چيو آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف جو پروگرام نه ملي ها ته ملڪ جي معاشي تباهي جو خدشو پيدا ٿي ويو هو.

آءِ ايم ايف لاءِ وزيراعظم ميان شهباز شريف پنهنجون سموريون صلاحيتون داءُ تي لڳائي ڇڏيون. هن اهڙيون ڳالهيون گذريل ڏينهن سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون،

هن چيو ته گذريل حڪومتن جي غلط پاليسين سبب ملڪ هر طرف کان بحرانن جو شڪار ٿيو آهي. موجوده حڪومت ملڪ کي ترقي طرف وٺي وڃڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

ن ليگ جي گڏيل حڪومت مشڪل حالتن باوجود عوام کي رليف ڏئي ٿي. هن وقت ملڪ شديد مهانگائي جي لپيٽ ۾ آهي.

حڪومت ملڪ مان مهانگائي کي گھٽ ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪري رهي آهي.

جُولاءِ 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو