روهڙي: شھرين ۽ دڪاندارن جو سيپڪو انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو
روهڙي (رپورٽرعلي خان چنجڻ)روهڙي جي شھرين ۽ دڪاندارن جو سيپڪو انتظاميا جي ڏاڍين خلاف احتجاجي مظاهرو ڇتي نعرابازي، شھرين جون دانھون تدارڪ جي گهر، تفصيل موجب روهڙي جي علائقي پراڻي جي ٽي روڊ گربلا گيٽ ڀرسان رھندڙ شھري ۽ دڪاندار، نديم علي نظاماڻي، عبدﷲ پٺاڻ، بلال احمد، عرفان ميمڻ، ۽ ٻين روهڙي سيپڪو عملي جي ڏاڍاين خلاف ڇتي نعري بازي ۽ الزامن جو مينھن وسائيندي چيو ته اسان جي دڪان ۽ گھرن مٿان بجلي جي 11 ھزار تار گذري رھي آھي،
اھڙي قسم جون روهڙي سيپڪو انتطاميا کي شڪايتون لکت ۾ ڏئي چڪا آهيون پر ڪير به اسان جي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، اسان وٽ لکت موجود آهي ڪنھن به قسم جو جاني يا مالي نقصان پھتو ان شيء جي ذميواري روهڙي سيپڪو رھندي، اسان جا ٻار ٻچا اتان گذرندا آھن
ٻيو ڪو تڳ به نه آهي، اسان جي دڪان مٿان گذرندڙ بجلي جي 11 ھزار تار ۾ ڪيئي جوڙ لڳل آهن جيڪا ڪمزور ھجڻ ڪري روز ٽٽي ڪري ٿي، اڄ اسان جي سامهون 11 ھزار جي تار ٽٽي ھيٺ ڪري پئي آھ، اھا تار اسان جي يا ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ مٿان ڪري ھا ته ان جو ذميوار ڪير رھي ھا،
سال اڳ اھا 11 ھزار تار ٽرانسفارمر مان ٽٽي دڪان مٿان ڪري پئي ھئي جنھن ۾ اسان دڪاندارن جو ڪافي مالي نقصان ٿي پيو هو، ھاڻي اھڙي قسم جي اسان شھرين ۽ دڪاندارن کي شڪايت ٿي ان شيء جي ذميواري روهڙي سيپڪو انتظاميا رھندي،
علائقي جي رھندڙ ماڻهن ۽ دڪاندارن، سي او سکر، ايڪسين روهڙي ۽ ٻين سيپڪو عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي تہ دڪان ۽ گهر مٿان گذرندڙ 11 ھزار تار جو بندوبست ٻئي پاسي ڪا ڪيو وڃي ته جيئن اسان بي خوف ٿي ڪري پنهنجي ٻچڙن جي روزي ڪري سگهون،
ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او سيپڪو روهڙي شفيع قاضي ٻڌايو ته اسان کي اھڙي قسم جي ڪابه شھرين پاران شڪايت ناهي ملي اگر اھڙي قسم جي شڪايت آهي ته مان سيپڪو عملو کي پاپند ڪندس ته جلدي اھا شڪايت شھرين جي دور ڪئي وڃي.
جُولاءِ 19, 2023