ڪعبت الله شريف جي غلاف جي تبديلي، تصويرون جاري
رياض (ويب ڊيسڪ) نئين اسلامي سال جي شروعات تي ڪعبت الله شريف جو غلاف تبديل ڪيو ويو.
گذريل ڏينهن سعودي سپريم ڪورٽ تصديق ڪئي ته اڱاري ڏينهن ذوالحج جو مهينو مڪمل ٿي ويو، اربع اربع ڏينهن 19 جولاءِ پهرين محمر الحرام 1445هجري آهي.
نئين اسلامي سال جي شروعات تي ڪعبت الله شريف جي غلاف جي تبديلي جو عمل شروع ڪيو ويو.
عرب ميڊيا موجب ڪعبت الله جي غلاف جي تياري تي 2 ڪروڙ سعودي ريال کان وڌيڪ لاڳت آئي آهي، ڪعبت الله جو غلاف سلڪ، سون ۽ چاندي جي تار مان سلائي ۽ڪڙهائي سان تيار ڪيو ويو آهي.
پهرين مرحلي ۾ پراڻي ڪعبت الله جي غلاف کي چئني پاسن کان انتهائي فني مُهارت سان لاٿو ويو، ان دوران ڪعبت الله جي چئني پاسي حفاظتي بيريئر لڳايا ويا جڏهن ته اليڪٽرانڪ لفٽرز غلاف کي مٿي ڇٿين تائين پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا.
