ڪراچي: سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف علماءِ پاڪستان پاران مذمتي اجلاس منعقد
ڪراچي (رپورٽ: ثناءُ ﷲ هڪڙو) سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف علماءِ پاڪستان جو هڪ مذمتي اجلاس ڪراچي جي جامع مسجد فيضان غني صفوران ۾ ٿيو.
صوفي پير جميل الرحمان خاني، مفتي عاصم صديقي، علامه ذوالفقار علي، حافظ قائم الدين ٿهيم، آصف قادري ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي مذمت ڪئي ۽ چيو ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي مذمت جوڳو عمل آهي، جنهن ۾ ڪو به ماڻهو جان ۽ مال جي قرباني ڏئي سگهي ٿو.
پر اسان قرآن پاڪ جي بي حرمتي کي ڪڏهن به برداشت نه ٿا ڪري سگهون ڇو ته اسان قرآن پاڪ سان گڏ الله تعاليٰ جي نازل ڪيل مقدس ڪتابن سان به محبت رکون ٿا ۽ اسان گستاخ رسول ۽ گستاخ قرآن کان بدلو وٺنداسين ۽ قرآن پاڪ جي تعليم عوام کي ٻڌائينداسين.
حڪومت ان شرمناڪ واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري مذهبي رواداري کي يقيني بڻائي، ٻي صورت ۾ اسان کفر خلاف سخت احتجاج ڪنداسين.
جُولاءِ 19, 2023