ڏوڪري ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ علم پاڪ جي سينگارڻ جو سلسلو شروع
الحسيني مرڪزي امام بارگاھ، امام بارگاھ حسن مجتبي، المنتظر امام بارگاھ ۽ ٻين هنڌن تي علم پاڪ لاٿا ويا ۽ علم پاڪ سينگارڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي. جڏهن ته شهر ۾ 50 کان وڌيڪ سينگار جا دوڪان کولي ويا آهن.دوڪانن تي ڪلس پاڪ، پنجا، بيرڪون سميت علم پاڪن، روضن کي سينگارڻ جو سمورو سامان رکيو ويو آهي.
جڏهن ته شهر جي مختلف بازارن ۽ پاڙن ۾ مومنن پاران سبيل معصوم علي اصغر عليہ السلام جون ڪئمپون لڳايون ويون آهن. هوڏانهن الحسيني مرڪزي امام بارگاھ، منتظر مهدي امام بارگاھ، حسن مجتبي امام بارگاھ سميت مختلف امام بارگاھن ۾ عشر محرم الحرام جي حوالي سان مجلسون برپا ڪيون وينديون آهن،
الحسيني مرڪزي امام بارگاھ ۾ مولانا اشفاق احمد نجفي، مولانا عرفان حيدر عابدي، المنتظر بڙدي امام بارگاھ ۾ سيد قمر عباس نقوي، الحسن المجتبي امام بارگاھ ۾ مولانا غلام اصغر جنتي، مولانا امجد حيدر نجفي عشرہ مجلس عزا کي خطاب ڪندا.
جڏهن ته 7 محرم الحرام جي رات ڪربلا جي معصوم شهيد علي اصغر عليہ السلام جهولو برآمد ڪيو ويندو، 8 محرم الحرام جي رات جويا پاڙي مان مولا غازي عباس علمدار جو علم پاڪ برآمد ڪيو ويندو، 9 محرم الحرام جي رات ڪولاچي پاڙي مان گهوٽ قاسم عليہ السلام جي سيج ۽ معصوم علي اصغر عليہ السلام جن جو جهولو برآمد ڪيو ويندو
۽ محرم الحرام جي ڏينهن صبح جو نائين وڳي الحسيني مرڪزي امام بارگاھ مان مرڪزي جلوس ڪڍيو ويندو مرڪزي جلوس کي علامہ سيد قمر عباس نقوي، مولانا عرفان حيدر عابدي، علامہ اشفاق احمد نجفي، ذاڪر سيد توقير رضا شاھ خطاب ڪندا، مجلس عزا کان بعد عزادر ڪربلا جي شهيدن کي پرسو ڏينهن لاءِ زنجيرن، چاقون سان عزاداري ڪندا، زنجيرون جي عزاداري کان بعد ۾ مرڪزي جلوس ھنڌن تان گذر ڪندي رات ڍير سان مرڪزي امام بارگاھ پهچندو، 10 محرم الحرام جي ڏهاڙي تي اعمال عاشورا ادا ڪيا ويندا
۽ شام غريبان جي مجلس عزا مرڪزي امام بارگاھ ۾ ڪرائي ويندي، جڏهن ته ڪربلا جي شهيدن جي ٽيهجي جي حوالي سان الحسيني مرڪزي امام بارگاھ ۾ مجلس عزا کي علامہ عرفان حيدر عابدي، ذاڪر سيد ذاڪر حسين شاھ خطاب ڪندا.
ان موقعي تي مولانا عرفان حيدر عابدي، منظور جلباڻي، زوار قاضي وحيد علي، سرائي امتياز علي ڪولاچي، زوار عبدالقادر جلباڻي، قاضي زيب، زاهد حسين ڪلهوڙو، سليم رضا جتوئي، ذاڪر حسين پٺاڻ، حسين بخش ميراڻي، سيد سجاد علي شاھ جيلاني، رياض حسين ميراڻي، عبدالحڪيم جويو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڏوڪري تعلقي ۾ محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ سڀني مذهبي ڌريون امن ۽ ڀائيچاري قائم ڪري گڏجي ڏهاڙا ملهائيندا آهن.
هنن چيو ته انتظاميا کي گهرجي ته مجلس عزا جي وقت ۽ عزاداري جي وقت تي بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ۽ شهر ۾ صفائي سٿرائي جو بہتر نظام بڻايو وڃي. هنن چيو ته علم پاڪ کي سنيگارڻ سان دل کي سڪون ملندو آهي
۽ غم حسين عليه السلام جا ڏهاڙا عقيدت ۽ احترام سان ملهائيندا آهيون هنن چيو ته اسلام تي مولا حسين عليه السلام جو احسان آهي پنهنجي آل اسلام مٿان قربان ڪري اسلام جو علم بلند ڪيو. هنن جو چوڻ هو ته ڪربلا جي 72 شهيدن کي اڄ به دنيا ياد ڪري ٿي.
هوڏانهن تعلقي انتظاميا پاران محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ گڏجاڻيون پڻ ڪوٺايو ويون آهن محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ سيڪورٽي انتظام، صفائي سٿرائي، بجلي کي نظام کي بهتر بڻائڻ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.
جُولاءِ 19, 2023