چوٽياريون: سيد غلام محمد شاھ لڪياري فوت ٿي ويو

Spread the love

چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) انٽرنيشنل هيومين رائيٽس آرگنائيزيشن جي صوبائي نائب صدر سيد امير علي شاھ لڪياري جو وڏو ڀاء سيد غلام محمد شاھ لڪياري وفات ڪري ويو سندس جنازي نماز شھر ٽنڊومٺاخان ۾ سندس رهائشگاھ تي ادا ڪئي وئي وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن انساني حقوق جي ورڪرن ۽ علائقي جي معززين شرڪت ڪئي

خبر موجب سماجي اڳواڻ ۽ انساني حقوق جي تنظيم IHRO جي صوبائي نائب صدر سيد امير علي شاھ جو وڏو ڀاء سيد غلام محمد شاھ لڪياري وفات ڪري ويو سندس جنازي نماز شھر ٽنڊومٺاخان ۾ سندس رهائشگاھ تي ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ پ پ تعلقي سانگهڙ جي صدر سيد ممتاز شاھ لڪياري سروري جماعت جي چيف خليفي سيد نور محمد شاھ سيد فيض محمد شاھ لڪياري سماجي اڳواڻ  سيد صالح شاھ لڪياري سيد علي بهادر شاھ لڪياري سيد تقي شاھ لڪياري انٽرنيشنل هيومين رائيٽس آگنائيزيشن جي صوبائي انفارميشن سيڪريٽري ڄام علي اڪبر جوڻيجو IHRO جي ضلعي صدر سيد مشتاق علي شاھ لڪياري سماجي اڳواڻن سيد محمد شاھ لڪياري سيد موعذ علي شاھ لڪياري استاد محمد حنيف شر صحافي سيد ذوالفقار شاھ فنڪشنل مسلم ليگ جي ليبرونگ ڊويزن  ڪراچي جي اڳواڻ سيد دوست علي شاھ لڪياري استاد حسين راڄڙ سيد باقر شاھ لڪياري اڳوڻي ٽائون ميمبر سيد ميهن شاھ لڪياري ڏاڏو بادل جوڻيجو ٽائون ڪاميٽي ٽنڊومٺاخان جو چيئرمين سيد مدد شاھ لڪياري سيد مريد علي شاھ لڪياري استاد سيد دلاور شاھ سميت وڏي انگ ۾ سيد برادري ۽ شهر ٽنڊومٺاخان توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺن جي معززين شرڪت ڪئي

جنهن بعد مرحوم جي تدفين سندس اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي مرحوم جو تڏو شھر ٽنڊو مٺاخان ۾ سندن رهائش گاھ تي وڇايو ويو آھي جتي عزرخواهي لاء  ماڻھن جي آمد جو سلسلو هلندڙ آھي

جُولاءِ 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو