پيپلز پارٽي اقليتي برادري جي خدمت جو واعدو پورو ڪيو آهي: گيانچند ايسراڻي

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي)   اقليتي معاملن صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي اقليتي برادري جي خدمت ۽ ترقي جو پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي.  پيپلزپارٽي جي منشور موجب ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي  ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري رهندو، اھڙن خيالن جو اظهار  ھن ٺٽي ۾ مختلف ترقياتي ڪمن جي افتتاح جي بعد اتي موجود ماڻھن جي وڏي انگ سان خطاب ڪندي ڪيو.

ترقياتي ڪمن ۾  درگاه اڏيرو لعل گهوڙو باريءَ جي مرمت ، هال جي تعمير، درگاه ۾ سولر سسٽم ، سولر لائيٽون لڳائڻ ۽ جهولي لعل مندر گهوڙا باري ٺٽي جا ڪم شامل آهن جن تي ڪروڙين رپين جي لاڳت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي،

پنهنجي خطاب ۾ صوبائي وزير  چيو ته اقليتي معاملن وارو کاتو سڄي سنڌ ۾ اقليتن جي عبادتگاهن جي رڪارڊ ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي.  صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته مالي ۽ طبي امداد، شادي لاءِ مالي امداد ۽ تعليمي اسڪالر شپ ايوارڊز سنڌ جي اقليتي برادري جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن ۾ بنا ڪنهن فرق جي ورهايا پيا وڃن.

 هن چيو ته تعليمي اسڪالر شپ ايوارڊز جو مقصد باصلاحيت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي.  گيانچند ايسراڻي چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي خدمت ۾ سڀ کان اڳيان آهي ۽ ان جي خدمتن جي ڪري ايندڙ دور به پيپلز پارٽي جو ئي هوندو.

جُولاءِ 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو