پلاٽ تي پوليس ڪانسٽيبل قبضو ڪيو آھي: مقبول احمد

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) مڪلي جي رھواسي مقبول احمد، واجد علي ملڪ، رياض، الياس جٽ، اعجاز خان، عبدالحميد خان، ليمون جوڳي شيخ، عبدالخالق خشڪ، عارف شاھ، بلاول ھالو، ذوالفقار ۽ بين ڊي سي ٺٽو کي درخواست ڏيندي ڄاڻايو آھي

 تہ اسانجي وڏين ڪوششن بعد سرڪار طرفان ٽينڊر جاري ڪرائي چلڊرن پارڪ مڪلي جو ڪم شروع ڪرايو، پر پارڪ جي منظور ٿيل نقشي جي ماپ مان 35 زربيان 54 فٽ جي ايراضي تي سامھون D ٽائپ ڪواٽر ۾ رھائش پذير پوليس ڪانسٽيبل عبدالحفيظ قبضو ڪري ورتو آھي، جنھن ۾ ڪٻاڙي جو دڪان پڻ موجود اھي،

 پر مذڪورہ پوليس اھلڪار قبضو خالي ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھنن ڊي سي ٺٽو کي التجا ڪئي تہ فورن چلڊرن پارڪ جي پلاٽ ٿي ٿيل غيرقانوني قبضو خالي ڪرائي ڏنو وڃي، جيئن پارڪ جو رھيل ڪم مڪمل ڪرائي ٻارڙن کي تفريح مھيا ڪرائي سگھجي.

جُولاءِ 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو