ٽنڊوڄام: يامين خاصخيلي جي ٻن ڀينرين پاران ڀاءُ ۽ چاچي خلاف احتجاج

Spread the love

ٽنڊوڄام( رپورٽ: واجد علي چانڊيو) ٽنڊوڄام جي ڳوٺ يامين خاصخيلي جي ٻن ڀينرين پاران ڀاءُ ۽ چاچي خلاف احتجاج. خبر موجب ٽنڊوڄام جي ڳوٺ يامين خاصخيلي ۾ مبينا گھر ۽ پلاٽ تي قبضو ڪري وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ خلاف ٻن ڀينرن نور النساء ۽ صبا خاصخيلي پاران پنھنجي ڀاء ۽ چاچي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

انھي موقعي تي ڀينرن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي اباڻي گھر ۽ پلاٽ تي ڀاء ۽ چاچي قبضو ڪري گھر ۽ پلاٽ وڪرو ڪرڻ چاھين ٿا. ۽ اسان ٻنھي ڀينرن کي گھر مان ڪڍي ڇڏيو آھي. ۽ اسان در در جون ٺوڪرون کائڻ بعد ٻئي چاچي وٽ اچي پناھ ورتي آھي.

 ھنن چيو تہ اھڙي شڪايت ٽنڊوڄام ٿاڻي تي کڻي وياسين پر ڪنھن بہ اسان جي دانھن نہ ٻڌي، جنھن بعد ايس ايس پي آفيس مان لکرائي ٿاڻي تي آياسين. پر ھاڻي چون ٿا تہ ڪورٽ ۾ وڃي پٽيشن داخل ڪرايو.

ھنن چيو تہ اسان ٻئي ڀينرون ٿاڻي ۽ آفيسن جا چڪر ڪاٽي رھيون آھيون پر ڪوبہ به فرياد ٻڌڻ وارو ناھي. ھنن ايس ايس پي حيدرآباد کان گھر ڪئي ڀاءُ ۽ چاچي خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي پنھنجو گھر واپس ڏياريو وڃي.

جُولاءِ 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو