ٺٽو بچايو فورم جي جدوجهد کي ڪامياب بڻايو آھي: دلاور شيخ
ٺٽو (نظير احمد قريشي) ٺٽو بچايو فورم جي اڳواڻن دلاور شيخ،جمشيد احمد قريشي،شهاب خطيب،عمران ميمڻ،عرفان ميرجت چيو آهي ته ٺٽو بچايو فورم جي پليٽ فارم تان سڀني دوستن جا جن ٺٽو بچايو فورم تي اعتماد ڪيو اسان کي ساٿ ڏنو ،
ان سان گڏ ميڊيا جا نهايت شڪر گذار آهيون جن اسان جو هن جدوجھد ۾ ساٿ ڏنو اسان جي مسئلي کي اجاگر ڪيو ٺٽو بچايو فورم جي ڪامياب جدوجهد کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرايو .
ان سان گڏوگڏ پريس ڪلب ٺٽو جي سڀني صحافي دوستن خاص ڪري صدر پريس ڪلب ٺٽو جاکرو اقبال ان جي پوري ٽيم جن اسان جو ڀر پور ساٿ ڏنو،پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي اڳواڻ ڪامريڊ حافظ عباسي،ڊاڪٽر ولي جاکرو،احمد علي سومرو،مجتبي جاکرو،بينظير جاکرو،سني تحريڪ اڳواڻ عزيز احمد قادري،قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ شبير ڀٽي،ياسر جاکرو،ممتاز شيخ،بشيرالله سمون،جيئي سنڌ تحريڪ اڳواڻ راول ڪرناڻي،فرهاد سنڌي،سنڌ يونائيٽڊ پارٽي اڳواڻ عمران خشڪ،جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ امجد شورو،پورهيت مذمت اڳواڻ سلمان جاکرو،مدد ميرجت،سڪندر جاکرو،سماجي اڳواڻ حامد مغل،شعير قريشي،سجاد مگسي،ڊاڪٽر صديق ميمڻ،بابو جان خشڪ،پپو خشڪ،عبدالغفار خان،عرفان ماڻڪاڻي،سائين مارو خشڪ،عزيز سرواڻ،صادق لاکو،شهروز چانگ،حاجن نوتيار،اياز سولنگي،ذيشان کنڀاٽِي،قادر بخش پکيئڙو،عبدالعزيز سومرو،ٽيڪم داس،منير شاه،اميت ڪمار، شهريار قريشي بنساري،لڇمڻ داس،منير مگسي،سائين لال بخش ڪاتيار دليپ ڪمار ۽ ٻيا دوست،شهري شامل هئا.
ٺٽو بچايو فورم جي 115 ڏينھن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ معاون خاص ٽو سي ايم،ايم پي اي ٺٽه محترم سيد رياض حسين شاه شيرازي ۽ چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ٺٽه ادا محمد ميمڻ اسان جي احتجاج ۾ اچي اسان جا مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي جيڪا ڳالھ ٻول ٿي اها پريس ڪلب ٺٽي ۾ صحافين،سياسي،سماجي اڳواڻن ۽ شھرين اڳيان ٿي جيڪا سوشل ميڊيا تي لائيو به هلائي وئي.
جنهن ۾ معاون خاص ٽو سي ايم ،ايم پي اي محترم سيد رياض حسين شاه شيرازي واضع لفظن ۾ چيو تہ ٺٽو بچايو فورم جا مطالبا جائز آهن جيڪي تمام جلد پورا ڪيا ويندا،اھو واعدو پڻ ڪيائين ته 15ڏينھن جي اندر ڪي ڊي اي ڪينال مان پيئڻ جي پاڻي واري اسڪيم جو ٽينڊر ڪرايو ويندو،انهي ڪري اسان پنهنجي جدوجهد معطل ڪئي آهي.
معاون خاص ٽو سي ايم ،ايم پي اي محترم سيد رياض حسين شاه شيرازي چيو ته جيڪڏهن توهان جا مطالبا پورا نه ٿيا ته آئون پاڻ توهان جي احتجاج ۾ گڏ هوندس.
معاون خاص ٽو سي ايم ،ايم پي اي محترم سيد رياض حسين شاه شيرازي جي اهڙي اعتماد کان پوءِ 115 ڏينهن جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٺٽو بچايو فورم پاران واضع انداز سان موقف رکيو ويو جيڪڏهن ٺٽي جي شهرين جا مطالبا حل نه ٿيا ته جدوجهد جو ٻيهر آغاز ڪيو ويندو.
جُولاءِ 19, 2023