والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي انتها، ڀارتي فوج هٿان وڌيڪ ڇهه ڪشميري نوجوان شهيد

Spread the love

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي بربريت جو سلسلو جاري آهي، تازي ظالماڻي ڪارروائي ۾ وڌيڪ چار ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا آهن.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب، قابض ڀارتي فوج پونڇ ضلعي ۾ سرچ آپريشن دوران هڪ گهر تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ چار نوجوان شهيد ٿي ويا.

ڪشيمر ميڊيا موجب، چار ئي نوجوان شاگرد هٿين خالي هئا، پر ڪٺ پتلي ڀارت نواز انتظاميا نوجوانن کي علحدگي پسند ڄاڻايو آهي.

ڀارتي فوج شهيدن جا مڙهه پونيئرن جي حوالي ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن به پونڇ ۾ ٻه الڳ الڳ هنڌن تي ٻن نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو هو، جنهن بعد ٻن ڏينهن دوران شهيد ٿيندڙ نوجوانن جو انگ ڇهه ٿي ويو آهي.

جُولاءِ 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو