نوشهروفيروز: ڪوڙو لاشاري واسين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Spread the love

نوشهروفيروز( ڊ ر) ڳوٺ ڪوڙو لاشاري جي رهواسين عاشق علي ، ايازعلي،دلشاد علي لاشاري پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ پوليس خلاف نعري بازي ڪندي داهيندي چيو آهي ته جوابدارن زاهدعلي، محمد سچل، پيارل ۽ شعيب لاشاري ۽ ٻين ڪجهه ڏينهن اڳ شوڪت علي لاشاري مٿان تشدد ڪري کيس رتو رت ڪري ڇڏيو

 جيڪو هن وقت به اسپتال ۾ داخل آهي. جڏهن ته نوشهروفيروز پوليس مٿين جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي

 باقي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ پوليس ڳري رشوت وٺي کين ڇڏي ڏنو جيڪي اسان کي هاڻي ڪيس تان هٿ کڻڻ جي لاءِ جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

 هنن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج ڪنداسين.

جُولاءِ 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو