مورو لڳ سيڪورٽي ڪمپني جي سپروائيز کان لکين روپين جي  ڦر

Spread the love

مورو (رپورٽ: ڪاشف علي لغاري) الحبيب بينڪ مان ٽي جي ايس ٽاپ گئير سيڪورٽي ڪمپني جي سيڪورٽي سپروائيز نياز احمد پٺاڻ،علي اڪبر مهر،محمدعلي ڀنڀرو ۽ ڊرائيور ذولفقار علي چانڊيو 3830000 ڪيش ڪڊرائي مورو ڪورٽ وٽ پهتا ته ٽن ون ٽو فائيو تي 6 نامعلوم هٿيارن سان سندن کان 3830000 هزار ڪيش ڦر ڪري فرار ٿي ويا.اهڙو اطلاع مورو پوليس کي ڏنو ويو

مورو ايس ايڇ او مجيب رحمن ناريجو ڪورائي ايس ايڇ او علي نواز شاهاڻي،درس ايس ايڇ او حنيف مهر ناڪابندي ڪري دادواھ لڳ سيد شبير  شاھ ڪوٽ لڳ ڦورون سان مقابلو ٿي پيو

 مقابلي ۾ ٽي ڦورو سعيد احمد جلباڻي رتيديرو،نادر چانڊيو نصرآباد،غلام حسين ابڙو موهن جو دڙو جا رهواسي  ٽي ڄڻا پوليس مقابلي ۾ زخمي زخمي ڦورون  اسلي ۽ ٻن  ون ٽو فائيو سميت گرفتار شھرين پاران ايس ايڇ او مورو مٿان گلن جي ورکا ڪندي سنڌ پوليس جا نعره پڻ ھنيا،

زخمي ڦورون کي تعلقہ اسپتال مورو آندو ويو،زخمي ڦورون جا ٽي ساٿي ڪار ۾ سوار ٿي فرار ٿي ويا.!

جُولاءِ 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو