سکر  ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي  رقم مستحق عورتن کي ڏني وئي

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر ڪارڪنن سيد زاهد علي شاهه بخاري پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سينيئر اڳواڻن اسلام الدين شيخ، نعمان اسلام شيخ ۽ سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ جي خصوصي هدايتن تحت  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ليبر ڪالوني سکر جي پ پ آفيس ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن جا آيل پئسا ڏنا،

ان موقعي تي سيد زاهد شاهه بخاري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر مرڪزي اڳواڻ اڳوڻي سينيٽر اسلام دين شيخ جي خصوصي هدايت تي عمل ڪندي ليبر ڪالوني پ پ آفيس ۾ ايندڙ غريب مستحق عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪرائڻ وارو عمل جاري آھي جڏهن ته ٽن عورتن جا ڪجھ مهينن کان آيل رڪيل پئسا به ڏياريا آھن هڪ عورت کي 26 هزار ٻي عورت کي 52 هزار ۽ ٽين عورت کي 71 هزار روپيا ڏياريا آھن

 جڏهن ته ٻه ٻه هزار آيل رقم به بغير ڪنهن ڪٽوتي جي ڏنا پيا وڃن۔ عورتن جا پئسا آيل آھن انهن کي ڏنا پيا وڃن۔زاهد شاھ بخاري وڌيڪ چيو ته  پاڪستان پيپلزپارٽي مرڪزي اڳواڻ اسلام دين شيخ جي هدايت تحت  سکر هائوس جا دروازا هر مستحق لاء کليل آھن

پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر مرڪزي اڳواڻ اسلام دين شيخ ۽ سندس فرزند نعمان شيخ، ارسلان شيخ ۽ ٻيا ڪارڪن عوام جي خدمت لاءِ هر وقت حاضر آهن.

جُولاءِ 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو