سيٺارجا: ھنڱورجا پوليس جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاھرو
سيٺارجا (رپورٽ: ذولفقار علي انصاري) ھنڱورجا پوليس جي ناجائزين خلاف فنڪشنل مسلم ليگ سيٺارجا بالا جي سولنگي برادري ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن جو احتجاجي مظاھرو، ھنڱورجا جي مين گيٽ کان ھنڱورجا اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت ناريبازي ڪئي،
جتي ڳالھائيندي سليم رضا سولنگي، نائب سولنگي،محمد سومر سولنگي، نادر علي ڀيلار، قلب عباس ء ٻين چيو ته ھنڱورجا جي ايس ايڇ او فنڪشنل ليگ اڳواڻ سليم رضا سولنگي مٿان ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪئي آھي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مزمت ڪيو ٿا
جڏھن ته چور ڌاڙيل سر عام گھمڻ لڳا شريفن جي زندگي ھن ڪرپٽ ايس ايڇ او آزار بڻائي ڇڏيو آھي امن امان جي صورتحال تمام خراب آھي چوريون ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آھن
مظاھرين آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آء جي سکر جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو، کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته ھنڱورجا ٿاڻي جي وانگارو ايس ايڇ او عبدالرحمن ڀٽو ۽ ملوث پوليس اھلڪارن کي فورن ھٽائي انھن خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي،
۽ فنڪشنل مسلم ليگ سيٺارجا بالا جي صدر سليم رضا سولنگي مٿان ڪوڙي آيف آء آر ختم ڪئي وڃي. نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
جُولاءِ 19, 2023