سيوھڻ : واپڊا پاران  12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري، شھري پريشان

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ : محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ شھر ۾ ھن ڪھر جھڙي گرميءَ ۾ واپڊا سيوھڻ طرفان تقريبن 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جاري آھي پر ھڪ ٻيو واپڊا سيوھڻ جا جيڪي لائن مين آھن

انھن وري ھڪ ٻيو طريقو ڪري سيوھڻ جي ان علائقي جي عوام کي ھن ڪھر جھڙي گرمي ۾ تڙپائي رھيا آھن سيوھڻ جي ميمڻ ۽ ڀٽي محله ۾ ٻ ٽرانسفارمر رکيل آھن

انھن ٽرانسفارمرن مان ھڪ ٽرانسفارمر ڀٽي محله سيوھڻ کي بجلي جي سپلاء ڪري ٿو جنھن جو لائن مين شايد محمد يوسف مقرر ٿيل آھي باقي جيڪو ٻيو ٽرانسفارمر آھي

اھو ميمڻ محله وڃي سائين ڪرم شاھ ابدال ۽ مٿين ميمڻن جي گھر تائين بجلي جي سپلاء ڪري ٿو ان جو انچارج عالم خان خاصخيلي لائن مين مقرر ٿيل آھي اڄ تاريخ 19-07-2023 بروز اربع تي منجھند جو جيڪا پوڻي ٻين بجي بجلي ايندي آھي

اھا بجلي ن آئي خبر پئي آھي ت اھا بجلي ان جي ڪري ن آئي جو ان ميمڻ محله سيوھڻ جي ٽرانسفارمر جو لائن مين عالم خان خاصخيلي ان ٽرانسفارمر جا جھمپر لھرائي ڇڏيا آھن ھن ڪھر جھڙي گرمي ۾ سو ب منجھند جو گرمي سخت ھوندي ب لائن مين عالم خاصخيلي ميمڻ محله جي ٽرانسفارمر جا غير قانوني جھمپر لھرائي ميمڻ محله سيوھڻ جي عوام کي ھن ڪھر جھڙي گرمي ۾ پريشان ڪري رھيو آھي

 ميمڻ محله سيوھڻ جا رھواسي حيسڪو حيدرآباد جي چيف ۽ ايگزيڪيٽو انجنيئر حيسڪو ڊويزن ڪوٽڙي ۽ سيوھڻ جي ايس ڊي او حيسڪو کان مطالبو ٿا ڪن ٿا ت سائين ان عالم خاصخيلي لائن مين کان پڇاڻو ڪريو ت ھو منجھند جي ٽائيم تي ميمڻ محله سيوھڻ جي ٽرانسفارمر جا جھمپر ڇو لھرايا آھن ۽ ميمڻ محله جي عوام کي ھن ڪھر جھڙي گرمي ۾ ڇو پريشان ڪري رھيو خدارا اھڙي لائن مين کي ھن ٽرانسفارمر تان ھٽايو وڃي.

جُولاءِ 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو