دنيا شديد گرمي کي منهن ڏيڻ جي تياري ڪري وٺي، گڏيل قومن جي وارننگ
نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن وارننگ ڏني آهي ته دنيا شديد گرمي جي لهرن ۾ واڌ کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪري وٺي.
هن وقت يورپ، آمريڪا جي ڪجهه رياستن، ڪينيڊا، جاپان ۽ چين ۾ شديد گرمي جون لهرون جاري آهن.
چين
چين ۾ 52 سينٽي گريڊ جي گرمي پد سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. برطانيا جي ميٽ آفيس موجب، چين ۾ آچر ڏينهن هيل تائين جو بلند ترين گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته اولهه سنڪيانگ جي علائقي ۾ پارو (126F) 52.2C رڪارڊ ڪيو ويو.
هوڏانهن ڏکڻ چين ۾ سامونڊي طوفان ٽالم جون تباهيون جاري آهن، 2 لک 30 هزار ماڻهو محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيا ويا آهن.
طوفان سبب اڏامون دير جو شڪار آهن جڏهن ته ماهيگيرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري سامونڊي ۽ سياحتي هنڌن کي بند ڪيو ويو آهي، طوفان ويتنام ويندي ڪمزور ٿي ويو آهي.
جاپان ۽ ڪوريا

سڄي کنڊ ۾ ٻيلن ۾ باهه ڀرڪڻ جا واقعا ٿي رهيا آهن ۽ ڏکڻ يورپ جا وڏا حصا گرمي جي وڪڙ ۾ آهن.
سسلي ۾ گرمي پد 46.3 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلي هيٽ ويو جي وقت کي ڊگهو، گھڻو شديد ۽ مستقل بڻائي رهي آهي.
ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائزيشن (ڊبليو ايم او) چيو آهي ته گرمي جون لهرون ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ شديد ٿي وينديون.
اسپين، يونان ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ شديد گرمي سبب ٻيلن ۾ پکڙيل باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. متاثر علائقن ۾ ڪيترائي گھر تباهه ٿيا آهن جتان ماڻهن کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي.
ڪينيڊا جي ٻيلن ۾ به 500 کان وڌيڪ هنڌن تي لڳل باهه بي قابو آهي. وفاقي فوج ۽ عالمي فائر فائٽرز جي مدد طلب ڪئي وئي آهي، باهه وسائيندي ٻه ڪينيڊين فائر فائٽرز فوت ٿي چڪا آهن.
گرمي ۽ خشڪ موسم سبب ٻيلن ۾ لڳل باهه جو سلسلو آگسٽ تائين جاري رهڻ جو خدشو آهي، ڪيترن ئي شهرن جي هوا آلودا ٿي وئي آهي، ڪيلگري، مونٽريال، ڪيوبڪ ۽ ٽورنٽو ۾ دونهين جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
آمريڪا ۾ گرمي
اولهه ۽ ڏکڻ آمريڪي رياستن ۾ 80 ملين کان وڌيڪ ماڻهو وڏي پيماني تي شديد هيٽ ويو جي ايڊوائزري تحت حفاظتي هنڌ اپنائي رهيا آهن.
ڪيليفورنيا جي ڊيٿ ويلي ۾ گرمي پد آچر ڏينهن (125.6F) 52C جي ويجهو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته سومر تي ايريزونا جي رياستي راڄڌاني فينڪس ۾ گرمي پد لاڳيتو 18 هين ڏينهن (109.4F) 43C کان مٿي رڪارڊ ڪيو ويو.