دادو ۾ پ۔ٽ۔الف پاران فيض خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ پ۔ٽ۔الف دادو ٽائون پاران فيض ٽي جي استادن کي ٽن مهينن کان آفر آرڊر نه ملڻ خلاف دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،

استاد اڳواڻن عنايت علي جمالي، لياقت ڀٽي، عدنان ملڪ، ڪريم بخش سيال، ساجد علي ملاح راشد علي ٻگهيو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيو ته دادو ضلع اندر فيز 3 جي نون ڀرتي ٿيل  استادن کي ڪامورن در بدر ڪري ڇڏيو آهي

 سي ايم او دادو استادن جي جائز ڪم تي رلائي رهيو آهي، فائل مڪمل هئڻ باوجود ڊي آر سي ٽي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي،

هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي فيز 3 جي استادن جي ڊي آر سي صحيح ڪري پوسٽنگ آرڊر ڏئي استادن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سي ايم او آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويندو،

جُولاءِ 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو