دادو: ڳوٺ ڏنڱر جي رهواسي ماءُ ۽ پٽ جو  بااثرن خلاف احتجاج

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي )پي ايس سيتا روڊ  ڳوٺ ڏنڱر تلعقو خيرپور ناٿن شاھ جي رهواسي ماءُ پٽ جو  بااثرن خلاف احتجاج مسمات حاڪم زادي زال محرم چانڊيو پٽن راجا چانڊيو، احسان چانڊيو سميت دادو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي مسمات حاڪم زادي چانڊيو چيو ته ڪجھھ ڏينهن اڳ ناري سلمه ڌيءَ منظور چانڊيو گهران نڪري نوجوان پرويز چانڊيو سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي 

 ناري جا مائٽ وري اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن،اسان کي زبردستي هٿيارن جي زور تي گهران نيڪالي ڏئي گهرن تي قبضو ڪري ويهي رهيا آهن بااثرن مان زندگين کي خطرو آهي، رستم، منظور، گل، بدر، جاويد چانڊين خلاف  قانوني ڪاروائي ڪري گهرن تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

جُولاءِ 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو