ايشيا ڪپ جو شيڊيول ليڪ، پاڪ-ڀارت ٽاڪرو ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيندو؟
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ ون ڊي ايشيا ڪپ جو شيڊول ليڪ ٿي ويو آهي، شيڊيول جو جو باظابطا اعلان پي سي بي مئنيجمنيٽ ڪميٽي جو چيئرمين ذڪاءَ اشرف اڄ ڪندو.
ذريعن موجب، ملتان، لاهور ۾ چار ميچون ٿينديون، سريلنڪا جي شهر ڪينڊي ۽ دمبولا ۾ اٺ ميچون ٿينديون، ميگا ايونٽ جو فائنل 17 سپٽيمبر تي پريما داسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو.
پاڪستان ٽيم پنهنجو سُپر فور ميچ کيڏڻ لاءِ ٻيهر لاهور ايندي، سُُپر فور مرحلي جي به هڪ ميچ پاڪستان ۾ ٿيندي.
تفصيل موجب، ايشيا ڪپ جي شروعات 30 آگسٽ کان پاڪستان ۽ نيپال جي ميچ کان ٿيندي جيڪا ملتان ۾ شيڊيول آهي.
شيڊيول موجب، ٻئي ڏينهن پاڪستان ۽ نيپال جون ٽيمون چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي ملتان کان ڪولمبو لاءِ اُڏام ڀرينديون، 31 هين آگسٽ تي سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ميچ ڪينڊي ۾ کيڏي ويندي.
پهرين سپٽيمبر آرام آرام جو ڏينهن آهي، پهرين سپٽيمبر تي سريلنڪا ۽ بنگلاديش جون ٽيمون چارٽرڊ فلائيٽ تي لاهور پهچنديون.
ايشيا ڪپ جو سڀ کان مها دنگل ٻه سٽيمبر تي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٿيندو، چار سپٽيمبر تي ڀارت ۽ نيپال جي ميچ شيڊيول آهي.
شيڊيول موجب، پنج سپٽيمبر تي سريلنڪا ۽ افغانستان جون ٽيمون لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون.
ايشيا ڪپ جون سموريون ميچون پاڪستاني وقت موجب منجهند ڏيڍ وڳي شروع ٿينديون، سُپر فور مرحلي لاءِ پاڪستان ايندڙ ٽيمون ڪمرشل فلائيٽ ۾ سفر ڪنديون.
ست سپٽيمبر تي پاڪستان، افغانستان ۽ بنگلاديش جون ٽيمون لاهور کان چارٽرڊ فلائيٽ تي ڪولمبو لاءِ سفر ڪنديون.
