اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ شهر جي مختلف مارڪيٽن جو دورو ڪيو
سانگهڙ(رپورٽ: شاهنواز رونجهو) اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ نهد حسين ميراڻي سانگهڙ شهر جي مختلف مارڪيٽن جو دورو ڪيو ۽ واپارين پاران وڌيڪ اگهه وٺڻ مدي خارج سامان رکڻ ۽ تور ۽ ماپ ۾ ڪمي تي دڪاندارن کي ڏنڊ هنيائون.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته دڪاندار ريٽ لسٽ نمايان جاءِ تي لڳائين ۽ خريدارن کي پڻ گهرجي ته لسٽ چيڪ ڪرڻ کان پوءِ قيمت ادا ڪن. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سان گڏ بيورو سپلائي اينڊ ويٽ ميئرمنٽ کاتي جا آفيسر پڻ موجود هئا.
اسسٽنٽ ڪمشنر سمورن دڪاندارن کي هدايت ڪئي ته هو سرڪاري اگهه تي شين جي خريد و فروخت ڪن، ٻي صورت ۾ مٿن ڏنڊ وڌو ويندو ۽ دڪان سيل پڻ ڪري سگهجن ٿا.
جُولاءِ 19, 2023