ڪنڌڪوٽ ۾ٻارڙن سميت مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن جو اپيلون
ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ: طلعت نظير دايو ) ستن معصوم ٻارن سميت مغوي ڏوھارين جي قيد ۾ پوليس آرام ۾ ستل مغوين جي گھرن ۾ قيامت جا منظر مکي جڳديش ڪمار ۽ معصوم جئديپ ڪمار جون وارث عورتن جو ڏوھارين کي اللّٰه تعاليٰ، پاڪ ڪتاب جا واسطا فرحان سومرو جي امڙ روئي دانھون ڪندي پٽ واپس ڪرڻ جو اپيلون ڪيون
خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ شھر سميت ضلعي جي مختلف ھنڌن تي مختلف وقتن تي اغوا ٿيل معصوم عظيم ميڻڪ، معصوم فرحان سومرو، معصوم نياڻي عليشبا چنہ، معصوم صداقت حاجاڻو، معصوم ڪوثر کوسو، معصوم مقبول ميراڻي، معصوم جئديپ ڪمار سميت مکي جڳديش ڪمار، پورھيت احسان شيخ، ڊاڪٽر منير نائچ، پي پي ايل گيس فيلڊ جي ڪوھ تي سيڪيورٽي ڏيندڙ خالد خان، ڪنڌڪوٽ گھوٽڪي پل جو ڪم ڪندڙ ڪمپني جي ٽن ملازمن جمشيد، مظھر، شفيق سميت 30 کان وڌيڪ اغوا ٿيل مغوي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن
جن جي بازيابي لاءِ پوليس آپريشن ڪاروائيون، گرفتاريون بدران آرام سان ستل آهي مغوين جي گھرن ۾ انتھائي ڏکايل ماحول بڻجي ویو آهي مکي جڳديش ڪمار، معصوم جئديپ ڪمار جي گھرن ۾ سوڳ جو ماحول معصوم جي ڏاڏي ۽ جيجل امڙ ۽ مکي جي وني روئي بي حال ٿي ويون پيرسن ڏاڏي ھٿ ٻڌي روئيندي اللّٰه تعاليٰ، قرآن پاڪ جا واسطا ڏیئي ٻنھي ٻچڙن کي واپس ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن کي اپيلون ڪندي رھيون
معصوم فرحان سومرو جي امڙ جي اکين مان ڳوڙھا رڪجن ھي نه ٿا روئيندي دانھيندي ڪوڪون ڪندي اغواڪارن کي معصوم جگر جو ٽڪر واپس ڪرڻ لاءِ نماڻيون منٿون ڪندي رھي ٿي انھي حوالي سان مکي جڳديش ڪمار جو پٽ روي ڪمار ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس صرف روز روز ٻن ڏينھن جو چئي رھي آهي
اسين شريف ڪاروباري طبقو آھيون اسان سان ھي ظلم آخر ڇو ٿي رھيو آهي اسان جي گھر جي اھڙي حالت آهي ماني به صحي نه ٿا کائون معصوم جئديپ ڪمار جي والد ديپڪ ڪمار چيو ته 20 ڏينهن اڳ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان مليو ھيم جنهن ٻن ڏينهن ۾ واپس ڪرائڻ جو چيو پر افسوس آهي ٻہ ڏينهن کي ويھہ ڏينهن ٿي ويا آهن آءِ جي صاحب خدا کي مڃيو اسان کي پنهنجا پيارا واپس ڪرائي ڏيو اسين ڌرتي ڇڏي وينداسي اسان تي رحم ڪيو،
جُولاءِ 17, 2023