ٺاروشاھ لڳ ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج
ٺاروشاھ (رپورٽ: اسد سولنگي) ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج انصاف جو مطالبو, ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ مٺو سولنگي واسي اسد سولنگي آڍو سولنگي واجد حامد شڪيل سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي ٻڌايو ته ڳوٺ جو بااثر جاويد سولنگي ۽ سندس ساٿاري ساجن الله ورايو محراب سولنگي ۽ ٻيا هٿيار ساڻ ڪري اسانجي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ لاء زمين تي ٽيڪٽر ڪاهي هر هڻي ڏاڍ ڪري رهيو آھي هنن چيو ته بااثر جاويد سولنگي علائقي جي بااثر سياستدان جو ڊائيور هئڻ ڪري اسان غريبن سان ظلم ڪري رهيو آھي هنن چيو بااثر جاويد سولنگي جي ڏاڍاين خلاف اسان ڪورٽ ۾ درخواست ڪئي آھي جنهن تان هٿ کڻائڻ لاء اسانکي مختلف طريقن سان هيسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي هنن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس واران کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسانکي تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
جُولاءِ 17, 2023