ٺاروشاھ : سول سوسائٽي تنظيمن پاران جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج
ٺاروشاھ (رپورٽ: اسد سولنگي) ٽي ڏينهن اڳ شاگرد نوجوان خليل الرحمان مغل جو نازيبا وڊيو وائرل ٿيڻ وارو معاملو ٺاروشاھ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن سول سوسائٽي پاران ٻيا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج, ٺاروشاھ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن ايس يو پي, ايس ٽي پي, پ پ پ دڪاندار ايسوسيئيشن جسم ۽ ٻين مظاهرين پريس ڪلب کان ٿاڻي تائين احتجاجي مظاهرو ڪندي اڳواڻن رضا محمد بهڻ ممتاز ڪلهوڙو عرفان ڏاهري مشتاق رضا عباسي نظير نظرياتي ۽ ٻين چيو ته معصوم شاگرد خليل الرحمان مغل کي ڀگهر نما وهشي ماڻھن کيس شراب پيئاري نازيبا وڊيو
ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ انسانيت کان ڪيرل حرڪت آھي هنن چيو ته وڊيو وائرل ڪندڙ صرف هڪ جوابدار فراز ملوڪ مستوئي گرفتار ڪيو ويو آھي باقي هن عمل جي ماسٽرمئينڊ مک جوابدار کي بااثر ۽ پوليس گرفتار نه ڪري رهي آھي هنن چيو ته واقعي جا مک جوابدار جيسين تائين گرفتار نه ٿيندا تيسين تائين احتجاج جاري رهندو.
جُولاءِ 17, 2023