وڳڻ: ايم ايس سان سجاڳ نوجوان اتحادجي اڳواڻن جي ملاقات
وڳڻ (رپورٽر) وڳڻ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ نئين مقرر ايم ايس سان سماجي تنظيم سجاڳ نوجوان اتحاد سنڌ جي اڳواڻن جي ملاقات تفصيل موجب وڳڻ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ نئين مقرر ايم ايس زيد جوڻيجو سان سماجي تنظيم سجاڳ نوجوان اتحاد سنڌ جي اڳواڻن ڪامريڊ غلام حسين مغيري،گلاب وڳڻ،ساجد بلوچ،ضمير حسين مغيري،مکڻ اوڏ، ۽ ٻين پاران وفد جي صورت ۾ ملاقات ڪري ڪيترن ئي سالن کان بند پيل ايڪسري مشين ۽ اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ختم ڪري اسپتال جو نظام بھتر طريقي سان ھلائڻ جا مطالبو ڪيو جڏھن ته ايم ايس ڊاڪٽر زيد اڳواڻن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته جلد بند پيل ايڪسري مشين جي مرمت ڪرائي انھي کي ھلايو ويندو پڻ دوائن جي کوٽ ختم ڪري رھواسين مان بيچيني ختم ڪئي ويندي.
جُولاءِ 17, 2023