”وقت آيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي گرفتار ڪنداسين“

Spread the love

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران اطلاعات واري وزير عامر مير چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين تي 9 مئي سانحي جا 8 ڪيس آهن، وقت آيو ته کيس گرفتار ڪنداسين.

پنهنجي بيان ۾ عامر مير چيو ته 9 مئي سانحي جا 58 جوابدار ملٽري ڪورٽس ۾ وڃي چڪا آهن، سوين جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪيو آهي ۽ ڪيس هلي رهيا آهن.

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين تي 9 مئي سانحي جا 8 ڪيس آهن، وقت آيو ته کيس گرفتار ڪنداسين، 9 مئي تي نگران وڏي وزير پوليس کي گولي نه هلائڻ جي هدايت ڪئي هئي.

سندس چوڻ هو ته 9 مئي تي سڄي پنجاب ۾ ڪٿي گولي نه هلي، جي ايڇ ڪيو ۽ لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملي تي به گولي نه هلائي وئي، 9 مئي تي پوليس وارا به زخمي ٿيا.

جُولاءِ 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو