نگران وزيراعظم لاءِ ٻن وڏن ۾ فيصلو ٿي چڪو، اسان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو: قريشي

Spread the love

ملتان (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نگران وزيراعظم بابت ٻن وڏن ۾ فيصلو ٿي چڪو پر اسان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.

ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالتن مان رليف مليو آهي، حڪومت پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهي رهي آهي، حڪومت 90 ڏينهن جي چونڊن کي ترجيح ڏيندي نظر پئي اچي، چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻي آهي.

هن چيو هاڻ اهو مونجهارو ناهي رهيو ته نگران وزيراعظم ڪير هوندو، ٻن وڏن ۾ فيصلو ٿي ويو، ٻين کي ڪا خبر ناهي، ڇا بند ڪمري جو فيصلو مڙهيو ويندو؟ تحريڪ انصاف هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر آهي، اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو.

جُولاءِ 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو