ملير : وڪيل سان پوليس جي جهڙپ، وڪيل برادري جو ڪورٽ اڳيان احتجاج
ملير (ڊر) ملير جي وڪيل اظهر سمور سان پوليس جي جهڙي، بدڪلامي ۽ ڌمڪين خلاف وڪيلن جو ملير ڪورٽ اڳيان گڏ ٿي احتجاج ڪندي روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب 5 ڪلاڪن کان روڊ بند ٿي ويو ۽ بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي وڪيل اڳواڻ رائو زاهد جي اڳواڻي ۾ ماڊل ڪالوني ٿاڻي جي ٿيندڙ احتجاج ۾ وڪيلن وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي
احتجاج سبب شاھراھ فيصل ايئرپورٽ قائد آباد سميت شهر ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي ملير بار ايسوسيئيشن رائو زاهد جو چوڻ هو ته ملير بار ايسوسيئيشن جي سينئر وڪيل اظهر سمور سان ماڊل ڪالوني پوليس جي اهلڪارن بدتميزي ڪئي آهي وڪيلن سان پوليس جو اهڙو رويو آهي ته عام ماڻهن سان ڪيئن هوندو
اسان جو مطالبو آهي ته فوري طور تي ايس ايڇ او ماڊل ڪالوني سميت عملي کي معطل ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻئي صورت ڻ هي احتجاج جاري رکيو ويندو جڏهن پوليس جي اعلي آفيسرن طرفان ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي جي پڪ ٿي وڪيلن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.
جُولاءِ 17, 2023