صوبائي وزير شهلا رضا سانگهڙ ۾ سيف هائوس جو افتتاح ڪيو
سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) ايندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪاميابي ماڻي بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائيندي. عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير شهلا رضا سانگهڙ ۾ سيف هائوس جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي ڪاميابي ماڻي بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائيندي، دهابيجي ايڪنامڪ زون سان معاشي استحڪام ايندو ۽ ملڪ مان غربت ختم ڪرڻ لاءِ پيپلز پاورٽي پروگرام ڪاميابي سان جاري آهي.
صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سيف هائوس قائم ڪرڻ جو مقصد غريب ۽ بي گهر عورتن کي عارضي پناهه گاهه فراهم ڪرڻ آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ننڍي عمر جي شادي، گهريلو تشدد ۽ ٻين سببن جي ڪري گهرن مان بي دخل ڪيل عورتن کي عدليه جي حڪم تي هتي رهائش فراهم ڪئي پئي وڃي.
ان موقعي تي وومين ڊولپمينٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر حنا خان صوبائي وزير کي سيف هائوس جي قيام ۽ ان جي انتظامن بابت بريفنگ ڏني ۽ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو جنهن تي صوبائي وزير هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
ان کان اڳ جڏهن صوبائي وزير سيف هائوس پهتي ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ حنا خان، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 نهد ميراڻي، نشا چانڊيو، ساجده ڪوثر، سدرا وٽو ۽ ٻين عورت سماجي ڪارڪنن سندس آجيان ڪئي.
جُولاءِ 17, 2023