سکر: اميرالدين عباسي جي صدارت هيٺ سول ڊفينس آرگنائيزيشن جو اجلاس ٿيو
سکر (بيورو رپورٽ) سول ڊفينس آرگنائيزيشن جو اجلاس سول ڊفينس آفيس سکر ۾ ايڊيشنل ڪنٽرولر اميرالدين عباسي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ هر سال جيان محرم الحرام ۾ هن سال به عزاداران حضرت امام حسين رضي الله عنه کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ لاءِ فرسٽ ايڊ ڪيمپ لڳائي ويندي. 5 محرم الحرام تي پراڻي سکر ۾ ۽ 10 محرم تي سکر ۾ ڊپٽي چيف وارڊن ڊاڪٽر سعيد اعواڻ فرسٽ ايڊ ڪيمپ جي انچارج هوندو.
سمورن رضاڪارن کي گهرايو ويو. ڊيوٽي ليٽر جاري ڪيا ويا. اجلاس ۾ گروپ وارڊن محمد احمد، پوسٽ وارڊن آغا اڪرم دراني، حاجي رياض کوکر،ڪامران راجپوت،آصف شيخ، محمد عدنان شيخ، طاهر رانا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪنٽرولر امير الدين عباسي. هن چيو ته محرم جو مهينو اسان کي صبر ۽ برداشت جو درس ڏئي ٿو،
ان ڪري اسان کي هر قسم جي شرپسند عنصرن کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي آهي. سول ڊفينس هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج سميت ٻين ادارن سان گڏ بيٺل آهي. رضاڪار خدمت الله جي رضا لاءِ ڪندا آهن.
الله جي قرب حاصل ڪرڻ جو بهترين طريقو مخلوق خدا جي خدمت ڪرڻ آهي.سول ڊفينس آرگنائيزيشن اڄ جي دور ۾ خدمت جو بهترين پليٽ فارم آهي.جنهن ۾ شموليت جي وڏي ضرورت آهي. يونين ڪائونسلن جي سطح تي رضاڪارن جي تربيت ڪئي وڃي، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ سمورن رضاڪارن کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران ماحول تي نظر رکون، شهري تحفظ اسان جي ذميواري آهي.
جُولاءِ 17, 2023