سيٺارجا : سينئر صحافي شڪيل احمد ڪٻر جي ورسي ملهائي وئي
سيٺارجا (رپورٽر) سيٺارجا جي سنئير صحافي ۽ سماج سڌارڪ ڪالم نويس مرحوم شڪيل احمد ڪٻر جي ٻئي ورسي مقامي حال ۾ ملهائي وئي،
ورسي تقريب ۾ سياسي سماجي، صحافي تنظيمن جي اڳواڻن سميت تعليمدانن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مرحوم هڪ ذات يا شخصيت جو نالو نہ آھي پر هو هڪ فڪر جو نالو آھي جنهن هميشہ پنهنجي سماج جي بهتري جي لاءِ پنهنجي قلم کي هٿيار طور استعمال ڪيو،
اهڙن ڪردارن کي موت بہ ماري نه سگهندو آھي، اڳواڻن جو ورسي تقريب کي خطاب، تقريب دوران مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا،
تفصيل موجب: پريس ڪلب سيٺارجا جي باني ۽ اڳوڻي صدر سينئر صحافي ڪالم نويس مرحوم شڪيل احمد ڪٻر جي ٻئي ورسي تقريب جو پروگرام مقامي هال ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن کي اڳواڻن خيرپور صحافي اتحاد جي صدر حاجي غلام حسين چانگ، سنڌ صحافي سنگت جو مرڪزي اڳواڻ محمد بچل هنڱورو،
ٽائون ڪاميٽي چئيرمين ڪامران عباس ڪٻر، وائيس چئيرمين محمد صادق لُنڊ ،جماعت اسلامي صوبا سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سهتو ، جونئير عاشق حسين ڪٻر، درمحمد خاصخيلي، پروفيسر لطيف راڄپر، الطاف حسين سهتو، حسين بخش ڪٻر عاشق حسين ، علي گل ڪٻر، حنيف رضا بلوچ، شمائل ڪٻر، غازي عبدالقادر ڪٻر، اڳوڻو ٽائون چئيرمين غلام مصطفي لُنڊ ، محمد سليم قريشي، فاروق منڱڻيجو، ذوالفقار انصاري علي گلاب لُنڊ ، خطاب ڪندي مرحوم جي زندگي تي روشني وڌي انهن جو چوڻ هيو تہ اهڙا ڪردارن کي موت بہ ماري نہ سگهندو آھي،
مرحوم پنهنجي سموري زندگي مسڪينن ماروئڙن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي هميشہ پنهنجي قلم کي سماج جي بهتري لاءِ استعمال ڪيو، جنهن جي ڪري سندس اڄ بہ نالو روشن آھي، ورسي تقريب ۾ مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي مڃتا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا
جڏهن تہ تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ، نواب علي لُنڊ ،ممتاز حسين سهتو ،امير خاصخيلي ،خادم هيسباڻي ،پرويز ٻانڀڻ ، صوفي ياسين راڄپر ، علي گوهر جوڻيجو ، ربنواز لُنڊ ، غلام عباس نول ، آفتاب احمد جاگيراڻي ،مسرور سولنگي ،الهڏتو گل ، علي عبدالله سهتو ،طارق حسين راڄپر ،فدا حسين بلوچ ، وڏيرو نظير احمد سهتو ، ۽ ٻين وڏي انگ شرڪت ڪئي.
جُولاءِ 17, 2023