سيوھڻ ۾ بجلي جي غير قانوني لوڊشيڊنگ سبب شھري پريشان
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ ۾ ھن ڪھر جھڙي گرمي ۾ ت بجلي جي لوڊشيڊنگ ت ٻڌي ۽ڏٺي ويندي آھي پر ھتي سيوھڻ شھر ۾ اھڙي گھر جھڙي گرمي ۾ وري سوئي گئس جي کاتي وري گئس جي لوڊشيڊنگ شروع ڪري ڇڏي آھي،
جنھن عمل کي ڪيترا ڏينھن ٿي ويا آھن پر سيوھڻ جي سئي گئس انتظاميه روزآنہ سئي گئس جي لوڊشيڊنگ ڪري سيوھڻ جي عوام کي پريشان ڪري رھي آھي ، سئي گئس انتظاميه سيوھڻ ھر روز رات جو 10 بجي کان شھر سيوھڻ کي گئس جي سپلاء بند ڪري ڇڏي ٿي، جنھن جي ڪري سيوھڻ جي ڪاروباري ڌرين کي تمام گھڻي تڪليف پيش اچي رھي آھي سيوھڻ جي رھواسين عزيزالله ميمڻ محمد قاسم ھاليپوٽو خالد حسين جسڪاڻي استاد ارشد ڪنڊياري ۽ ٻين سيوھڻ جي رھواسين چيو ت سيوھڻ جي سئي گئس انتظاميه سيوھڻ جي عوام سان ناانصافي ڪري رھي آھي ڪيترن ڏينھن کان سيوھڻ ۾ رات جو ڏھين بجي کان گئس جي سپلاء بند ڪري سيوھڻ جي عوام کي ڇو؟ پريشان ڪري رھي آھي ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ت سئي گئس انتظاميه سيوھڻ ھٿ جي گئس جي لوڊشيڊنگ ڪري رھي آھي، جڏھن ت سيوھڻ جي عوام سئي گئس جي لوڊشيڊنگ جي ڪري سخت پريشان نظر اچي رھي آھي، سيوھڻ جي رھواسين چيو ت سئي گئس جي لوڊشيڊنگ سياري جي موسم ۾ ڪئي ويندي آھي، پر سيوھڻ جي سئي گئس انتظاميه اونھاري ۾ ب سئي گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري رھي آھي، جڏھن ت سيوھڻ شھر جي عوام سان سئي گئس انتظاميه سيوھڻ اھڙو ظلم ڇو ؟ ڪري رھي آھي، سيوھڻ جي عوام حڪومت پاڪستان جي وزيراعظم ميان محمد شھباز شريف وفاقي وزير پيٽروليم گيس کان مطالبو ڪري رھي آھي ت خدارا سيوھڻ جي عوام تي رحم ڪريو سيوھڻ جي عوام کي سئي گئس جي لوڊشيڊنگ مان جان ڇڏرايو ۽ سيوھڻ جي سئي گئس جي انتظاميه خلاف غيرقانوني لوڊشيڊنگ ڪرائيندڙن ملازمن يا وري آفيسرن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي ۽ سيوھڻ شھر جي رھواسين کي جيڪا رات جو ڏھين بجي سئي گئس جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ان گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرائي وڃي ت جيئن سيوھڻ جي عوام گئس جي لوڊشيڊنگ مان جان ڇٽي سگھي.
جُولاءِ 17, 2023