سميرا جي الزامن بعد فريال مخدوم جو پهريون ڀيرو رد عمل

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن اڳ مشهور اڳوڻي برطانوي پاڪستاني باڪسر عامر خان پنهنجي زال سان دوکو ڪرڻ جي الزامن ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل هيو.

مٿس سميرا نالي هڪ ماڊل الزام هنيو هو. ڇوڪري سميرا عامر خان سان چيٽ جا اسڪرين شاٽ شيئر ڪيا.

عامر خان پڻ هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته کيس ڪنهن به ڇوڪريءَ ۾ دلچسپي ناهي جڏهن ته هن وٽ خوبصورت زال آهي.

عامر خان ۽ فريال مخدوم کي مالديپ ۽ يورپ ۾ به گڏ ڏٺو ويو ته ان دوران اسڪينڊل جون خبرون سامهون آيون هيون.

هوڏانهن فريال مخدوم هڪ هفتي تائين ان معاملي تي خاموش رهي پر هاڻي باڪسر جي گهرواري سوشل ميڊيا تي پنهنجو موقف ڏنو آهي.

فريال جو چوڻ هو ته هڪ هفتي جي الزامن، بدمعاشي ۽ هراسان ڪرڻ کانپوءِ آخرڪار سميرا پاران لڳايل الزامن کي منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته ”گذريل 7 ڏينهن دوران، منهنجي ذاتي ڳالهه ٻولهه کي هڪ مبينه ”قانوني نمائندي“ پاران ٽوڙيو ويو آهي، جيڪو سميرا جي طرفان ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن سوشل ميڊيا تي ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن کي مان صرف نفرت واري مهم چئي سگهان ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته ”منهنجو نالو هر هڪ اسٽوري ۾ استعمال ڪيو ويو آهي جيڪو منهنجي ساک خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

اهو سڀ ان ڪري جو مان پنهنجي مڙس سان ڪيل ذاتي معاملن کي عام ڪرڻ کان انڪاري هيس.

فريال جو چوڻ هو ته مان پنهنجي نڪاح کي عام ڪرڻ کان نه چاهيو، صورتحال منهنجي لاءِ ڪافي ڏکوئيندڙ آهي ۽ مان پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ٻين جي ٺاهيل تماشي ۾ وڌيڪ نه ايندس.

فريال مخدوم جو وڌيڪ چوڻ هو ته ماڻهو کيس ڊيڄاري رهيا آهن ته سندس مڙس جي شڪي تاريخ آهي، سميرا ۽ عامر خان ٻئي بالغ آهن ۽ کيس خبر آهي ته ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون ويون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته هوءَ ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ کانپوءِ ئي عوامي سطح تي اها ڳالهه ڪري رهي آهي ڇو ته الزام هن جي ذهني صحت کي خراب ڪري رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته سميرا کي خبر هئي ته عامر شادي شده آهي، ان جي باوجود هوءَ ساڻس رابطو ڪري رهي هئي ۽ سوشل ميڊيا تي ثبوت گڏ ڪري رهي هئي.

هن چيو ته هن اسڪرين شاٽ لاءِ چيو پر سميرا سوشل ميڊيا تي اسڪرين شاٽ پوسٽ ڪرڻ کي ترجيح ڏني.

سندس چوڻ آهي ته سندس ٻار وڏا ٿي رهيا آهن ۽ هو سوشل ميڊيا تي آهن، هو پنهنجي والدين بابت اهي سڀ شيون سوشل ميڊيا تي ڏسن ٿا ۽ هوءَ نٿي چاهي ته ائين ٿئي.

هن وڌيڪ چيو ته هن جي بنيادي پريشاني ۽ ترجيح هن جا ٽي نوجوان ٻار آهن.

فريال مخدوم پنهنجي ۽ خاندان جي رازداري جو مطالبو ڪيو آهي.

جُولاءِ 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو