حڪومت في ليٽر پيٽرول تي ڪيترو ٽيڪس وٺي رهي آهي؟ تفصيل سامهون اچي ويا
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پيٽروليم شين تي لاڳو ٽيڪس جا تفصيل سامهون اچي ويا.
دستاويز موجب پاڪستان ۾ پيٽرول جي خالص قيمت 161 رپيا في ليٽر ٺهي ٿي، جنهن تي 91 رپيا 36 پئسا مجموعي ٽيڪس لاڳو آهي.
اهڙي ريت ڊيزل جي قيمت 166 رپيا في ليٽر ٿئي ٿي، جنهن تي 87 رپيا 49 پئسا مجموعي ٽيڪس ورتو پيو وڃي.
دستاويز موجب پيٽرول تي ريفائن کانپوءِ 71 رپيا 83 پئسا في ليٽر ٽيڪس لاڳو آهي، جڏهن ته پيٽرول تي ايڪس ريفائنري قيمت 181 رپيا 70 پئسا في ليٽر آهي.
ريفائن کان اڳ پيٽرول تي 19 رپيا 53 پئسا في ليٽر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.
اهڙي ريت ريفائن کانپوءِ ڊيزل تي 67 رپيا 96 پئسا في ليٽر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊيزل جي ايڪس ريفائنري قيمت 190 رپيا 21 پئسا في ليٽر آهي.
ريفائن کان اڳ ڊيزل تي به 19 رپيا 53 پئسا في ليٽر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.
