سکر: رائل پلازھ جا دڪان سيل، مالڪ پريشان

Spread the love

سکر(رپورٽ: ارشاد ڍنڍڻ) سکر جي مصروف ڪاروباري مرڪز سڪي تلاء ۾ 1992 ۾ تيار ٿيل رائل پلازا تيار ٿيڻ جي ٻن سالن بعد ئي نوٽيس جاري ٿيڻ جو شڪار۔64 فليٽ ۽ سوين دوڪانن جي مالڪن کي بلڊر ۽ لاڳاپيل انتظاميا جي ملي ڀڳت سبب دوڪان ۽ فليٽ زبردستي خالي ڪرائڻ لاء شروعاتي آپريشن دوڪانن ۽ فليٽن ڏاهن ويندڙ رستن کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سکر پاران سيل ڪري ڇڏيو۔فليٽ ۽ دوڪان مالڪن جو احتجاج ۔عورتن پاران پاراتا۔اسسٽنٽ ڪمشنر عيسا خان ۽ پوليس رائل پلازا کي خالي ڪرائڻ لاء رهواسين تي دٻاء ڀڳڙن مٺ  بلڊر کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي۔

بلڊر جا جاوا۔ان سلسلي ۾ سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سڪي تلاء واري انتهائي مصروف ترين ڪاروباري علائقي ۾ 1992 ۾ تعمير ٿيل رائل پلازا جي فليٽن ۾ رهندڙن ۽ 2سئو کان وڌيڪ دوڪانن جي مالڪن کان دوڪان خالي ڪرائڻ لاء اسسٽنٽ ڪمشنر سکر۔عيسا خان جي سربراهي ۾ پوليس سميت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا عملدار عملي سان گڏ پهچي ويا جن پلازا جي فليٽن ڏاهن ويندڙ سمورا رستا ۽ ڪيترائي دوڪان سيل ڪري ڇڏيا

 جڏهن ته فليٽن ۾ رهندڙن کي زبردستي فليٽ خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويوان ڏس ۾ فليٽن جي رهواسي عورتن ۽ مردن جو چوڻ هو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس بااثر بلڊر جي سپورٽ ڪندي اسان جي مٿان دٻاء وجهي رهي آھي ته بلڊر کي ڀڳڙن مٺ تي دوڪان ۽ فليٽ وڪرو ڪيون ٻي صورت ۾ پلازا کي نقصانڪار ڄاڻائي بغير معاوضي جي خالي ڪرايا ويندا۔

رهواسين جو اهو به چوڻ هو ته سکر شھر جو ڪاروباري سينٽر آھي جتي رائل پلازا ٺھيل آھي هتي دوڪانن جو ڪرايو به کلن ۾ آھي پر ان باوجود اسان کي صرف 8 لک کان10 لک فليٽ ۽ 15 کان 20 لک دوڪان جي قيمت ڏني پئي وڃي جيڪو وڏو ظلم آھي سکر شھر ۾ نوان تيار ٿيندڙ فليٽ جي قيمت به ٻن کان اڍائي ڪروڙ آھي

 پر اسان کي انتظاميا ذريعي ڌمڪائي زبردستي فليٽ ۽ دوڪان خالي ڪرايا پيا وڃن جڏهن ته رضوان پلازا سميت ڪيترائي پلازا انتهائي زبون حال هجڻ باوجود انهن کي خالي ڪرائڻ لاء ڪابه ڪاروائي شروع ناهي ٿي صرف رائل پلازا خلاف ڪاروائي ڇو ۽ڪنهن جي چوڻ تي ڪئي پئي وڃي۔

هوڏاهن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ذريعن جو چوڻ آھي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي قانون موجب بلڊر کي فليٽ ۽ دوڪان مالڪن کي فليٽ ۽ دوڪان ٻيهر تعمير ڪري ڏيڻا آھن جيڪو  ڪنٽريڪشن تي خرچ ايندو اهو اونرز کان وصول ڪرڻو آھي۔

ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر سکر عيسا خان جو چوڻ هو ته مون سون برساتن جو الرٽ جاري ڪيو ويو آھي رائل پلازا زبون حال هجڻ ڪري امڪاني جاني نقصان کي بچائڻ لاء پلازا کي سيل ڪيو پيو وڃي مڪمل خالي ٿيڻ کانپوء پلازا کي ڊاهيو ويندو۔جڏهن ته بلڊر جي نمائندي سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته اسان فليٽ ۽ دوڪان اونرز کان فليٽ ۽ دوڪان خريد ڪري رهيا آھيون

رقم جي ادئگي بعد قبضو وٺون پيا ڪنهن تي به اسان جي طرف کان دٻاء ناهي پهنجي مرضي سان وڪرو ڪن پيا۔

جُولاءِ 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو