گھوٽڪي:  سمندر خان ڀيو واسي عورت پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج

Spread the love

گھوٽڪي (رپورٽ:  محمد امين سومرو ) ڳوٺ سمندر خان ڀيو جي رهواسڻ بيوه عورت 8 ٻارن جي ماءُ  مسمات نواب خاتون ٻارڙن کي ساڻ ڪري ميرپورماٿيلو پهچي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو،

منهنجا ڏير معشوق ڀيو، جانب، آصف ڀيو وارا منهنجي 5 جريب زمين تي قبضو ڪيو آهي، مان زمين تي ويس ته هنن مون مٿان تشدد ڪيو ۽ مونکي موتمار ڌمڪيون به ڏين ٿا،

 مسمات نواب خاتون تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ سمندر خان ڀيو جي رهواسڻ بيوه عورت 8 ٻارن جي ماءُ  مسمات نواب خاتون ٻارڙن کي ساڻ ڪري ميرپورماٿيلو پهچي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

 ان موقعي تي مسمات نواب خاتون چيو ته منهنجا ڏير معشوق ڀيو، جانب، آصف ڀيو وارا منهنجي 5 جريب زمين تي قبضو ڪيو آهي، مان زمين تي ويس ته هنن مون مٿان تشدد ڪيو ۽ مونکي موتمار ڌمڪيون به ڏين ٿا

 جيڪا مون سان وڏي ناانصافي آهي هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

جُولاءِ 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو