پيادل ويندڙ عورت ٻار کي جنم ڏنو!

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر سرگوڌا ۾ هڪ غريب عورت اسپتال ويندي رستي ۾ ريلوي لائن تي ئي ٻار کي جنم ڏنو.

عورت پيادل اسپتال وڃي رهي هئي ته اوچتو ريلوي لائن تي سندس طبيت خراب ٿي وئي. عورت جي حالت ڏسي هڪ شهري فوري ريسڪيو 1122 کي گهرايو.

ريسڪيو ٽيم پهتي ته عورت جي حالت خراب هئي، ٽيم جي عورت اهلڪار عورت جي ڊليوري ۾ سندس مدد ڪئي، ڊليوري بعد عورت ۽ ٻار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪ پتن جي علائقي عارف والا ۾ عورت اسپتال جي در تي ٻار کي جنم ڏنو جنهن بعد ڪمشنر ساهيوال سيد شعيب اقبال معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنوهو.

عورت اسپتال جي گهرڀاتين جو چوڻ هو ته هو غريب آهن، وٽن ايمبولينس جو ڪرايو نه هو، ٻار جي پيدائش بعد اسپتال عملي فرضي ڪارروائي ڪئي.

انتظاميا چيو هو ته ٻار جي صحت بهتر آهي ۽ ماءُ سان اسپتال ۾ آهي.

جُولاءِ 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو