ٺٽو بچايو فورم پاران 113 ڏينھن تي ڌرڻو ھنيو ويو، ٻارڙن بھ احتجاج ڪيو
ٺٽو (نظير احمد قريشي) اڄ ٺٽي شهر عوام وڏي تعداد ۾ ٺٽو بچايو فورم جي اپيل تي 113 ھين ڏينھن تي ڌرڻي ۾ معصوم ٻارن سميت شرڪت ڪئي
ٺٽو بچايو فورم جي اڳواڻن جمشيد قريشي،دلاور شيخ،ڪامريڊ حافظ عباسي،عرفان ميرجت،ڊاڪٽر ولي جاکرو،لڇمڻ داس،بابو جان خشڪ،سجاد مگسي،صديق مگسي،منير مگسي،پپو خشڪ،ٽيڪم داس،غلام محين الدين دل،ايڊوڪيٽ زوبي بلوچ،منير شاه، سميت وڏي تعداد ۾ عوام موجود هئو اُنھن پنهنجي بيان ۾ چيو ته احتجاج ۾ ٺٽي جي هر تنظيم جي هر فرد حصو ورتو ليڪن ٺٽي جي انتظاميه چونڊيل نمائندا جو مڪمل خاموش رھڻ اُن ڳالهه مان اندازو آهي
ته هي سڀ ٺٽي جي عوام سان سچا ڪون آھن جو ٺٽي شهر ۾ نه انصافي ٿئي پئي پر هنن تي ڪو به اثر ڪون ٿو ٿئي هنن وڌيڪ چيو ته ٺٽو شهر ۾ پيئڻ جو پاڻي بحران اختيار ڪري ويو، پورو شهر گٽر جي پاڻي سان ڀرجي ويو آهي
روڊ رستن تي گٽرن جو پاڻي پيو وهي انتظاميه ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي ، اُن سان گڏ ٺٽي جي سمورن وارڊن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ خلاف پيڻ جي پاڻي جي اڻهوند سبب ٺٽي جي نوجوان بزرگ معصوم ٻارڙا ٺٽو بچايو فورم جي سڏ تي روڊن تي نڪري آيا شھري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء پريشان مسجدن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي
ٺٽي جو عوام پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي ، گذريل 113 ھين ڏينهن کان مسلسل احتجاج ليڪن انتظاميه مطالبو ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ان سلسلي ۾ ٺٽو شهر ۾ گذريل 6 مھيني کان پاڻي جي رسد بند ھجڻ ڪري ٺٽو بچايو فورم سميت سڀني ٻين تنظيمن جي اڳوان چيو ته پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء ترسي رهيا آهن
ٺٽي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، ۽ ٻين ٻين مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھيون، پر ميونسپل ڪميٽي ٺٽو، ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي انتظاميہ خاموش تماشائي بڻيل آھي اُنھن جي ڪن تي جُئون بہ نٿي چُري غريب عوام پئسن تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن،
جنھن ڪري شھري پاڻي خريدڻ توڙي پري پري کان آڻڻ تي مجبور بڻيل آھن، شھرين موجب ھتي شھرين کي پيئڻ جو پاڻي ميسر ناھي، مسجدن ۾ وضو لاء بہ پاڻي ملي نٿو، ھنن چيو تہ ٺٽي شھر جا رھواسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻجي احتجاج ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن ،
ھنن گھر ڪئي تہ ٺٽو مان پاڻي جو بحران ختم ڪري شھرين کي فورن پاڻي مھيا ڪري غفلت جو مظاھرو ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري شھرين کي پريشاني کان بچايو وڃي.
جُولاءِ 16, 2023