يورپ وڃڻ جو خواب، ڪيترن ئي پاڪستانين جي ليبيا جي جيل ۾ قيد هجڻ جو انڪشاف
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) بهترين مستقبل جي ڳولا لاءِ يورپ ويندڙ پاڪستانين جي ليبيا جي جيل ۾ قيد هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ستن مهينن کان قيد پاڪستانين حڪومت کي مدد جي اپيل ڪري ڪئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب، بهتر مستقبل جي ۽ روزگار جي ڳولا ۾ يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪيئي پاڪستانين جي آزادي لاءِ اڃا تائين ڪنهن به قسم جا اپاءَ ناهن ورتا ويا.پاڪستاني قيدين طرفان حڪومت کي مدد جي اپيل ڪري ڇڏي آهي، ان ڏس ۾ قيدن جو چوڻ آهي ته اسان جا ڪيئي ساٿي بيمار آهن، کاڌو به نٿو ڏنو وڃي، حڪومت اسان جي آزاديءَ لاءِ اثرائتا قدم کڻي.ٻئي پاسي جسٽس هيلپ لائين عهديدارن ليبيا ۾ قيد پاڪستانين جي آزاديءَ لاءِ اعليٰ اختيارين سان رابطو ڪيو آهي.
جُولاءِ 16, 2023